نيو ڪراچي جي چيئرمين محمد يوسف پاران مختلف علائقن جو دورو

محمد يوسف وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير سان گڏ دورو ڪري گئس لائينن جو معائنو ڪيو

نيو ڪراچي جي چيئرمين محمد يوسف پاران مختلف علائقن جو دورو

ڪراچي (اعجاز چانڊيو)چيئرمين محمد يوسف جو نيو ڪراچي ٽائون کي بلدياتي مسئلن کان پاڪ بڻائڻ جو عزم ڪندي نيو ڪراچي ٽائون جي چيئرمين محمد يوسف وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير سان گڏ نارٿ ڪراچي جو دورو ڪيو. ان موقعي تي يوسيز جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن، يونين ڪميٽي ميمبر، انچارج بي اينڊ آر فيصل صغير، انچارج روڊ ڪٽنگ محمد نادر ۽ ٻيا ٽائون آفيسر پڻ موجود هئا، گئس لائينن جي لڳائڻ جو معائنو ڪيو ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ھدايتون جاري ڪڻدي چيو ته پاڻي ۽ نيڪال جي ڪنيڪشن کي نقصان پهچائڻ کان سواءِ اندرين گهٽين ۾ کوٽائي ڪرائي وڃي ته جيئن عوام کي تڪليف نه پھچي. جيڪڏهن پاڻي يا سيوريج لائين متاثر ٿئي ٿي ته ان کي فوري طور تي تبديل ڪيو وڃي ته جيئن عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي.هن چيو ته نيو ڪراچي ٽائون ۾ گذريل ڪجهه ڏينهن کان گيس جون لائينون تبديل ٿيڻ جون شڪايتون مليون آهن، جنهن ۾ کوٽائي ڪندڙ عملو شهرين سان تعاون نه ڪري رهيو آهي، جنهن سبب پاڻي ۽ سيوريج جون لائينون متاثر ٿي رهيون آهن جنھن سان عوام جا مسئلا وڌي ويا آهن. جڏهن ته اڳ ۾ سوئي سدرن گيس جي عملدارن سان ٿيل معاهدي ۾ اهو به طئي ٿيو هو ته اندرين گهٽين ۾ کوٽائي جو ڪم هٿرادو طريقي سان ڪيو ويندو، کوٽائي دوران پاڻي ۽ سيوريج لائين متاثر ٿيڻ جي صورت ۾ ان کي فوري طور تي مرمت يا تبديل ڪيو ويندو، پر ادارو ۽ ٺيڪيدار عوام جي مشڪلن کي نظر انداز ڪري رھيا آھن. جماعت اسلامي جا نمائندا نيو ڪراچي ٽائون ۾ هلندڙ کوٽائي جي عمل کي روزاني جي بنياد تي مانيٽر ڪري رهيا آهن، جتي ضرورت محسوس ٿئي ٿي اتي مرمتي ڪم ڪرايو پيو وڃي. هن چيو ته اسان خدمت جي جذبي سان نيو ڪراچي ٽائون جا مسئلا حل ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي ٽائون وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير سوئي سدرن گيس پاران کوٽائي جو معائنو ڪندي چيو ته سوئي سدرن گيس ڪمپني جلد گئس لائين وڇائڻ جو ڪم مڪمل ڪري ته جيئن نيو ڪراچي ٽائون جا روڊ رستا تعمير ڪري عوام کي سفري سهولتون فراهم ڪري سگهجن.