English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ واپارين کان هٿيارن جي زور تي ڦرلٽ، شهرين ۽ واپارين جو ڌرڻو
174 views
|
08th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
6هٿياربندن واپارين سراج الدين، حنيف سوهو ۽ ٻين کان 4 لک رپيا، موٽرسائيڪل ۽ فونون ڦر ڪري فرار
نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز وچ شهر مان ٿاڻي جي ڀر ۾ ڏينهن ڏٺي هٿياربندن پاران ديدا دليري سان واپارين کان لکين روپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا پڊعيدن روڊ تي 6 هٿياربندن سبزي منڊي جي واپارين سراج الدين، حنيف سوهو ۽ ٻين کان 4 لک روڪ ۽ موٽر سائيڪل ۽ موبائيل فونون ڦر ڪري فرار ٿي ويا وچ شهر مان ڏينهن ڏٺي جو ڦر خلاف شهرين ۽ دڪاندارن پاران احتجاج ڪري الله واري چوڪ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ضلعي هيڊ ڪوارٽر واري شهر مان ڏينهن ڏٺي جو ڦر جون وارداتون ٿين پيون پوليس ننڊ ستل آهي ضلعي اندر بدامني ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي رات ته رات ڏينهن جو به هٿيار بند ٿاڻي جي ڀرسان ڦر ڪري ويا آهن جيڪا پوليس جي نااهلي آهي هنن چيو ته ايس ايڇ او نوشهروفيروز چورن سان ٻٽ بڻيل آهي جيڪو ايس ايس پي جو کاٽو پٽ هجڻ ڪري کيس هٽايو نه ٿو جنهن ڪري شهري عدم تحفظ جو شڪار بڻيل آهن هنن مطالبو ڪيو ته ڦر ٿيل روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس ڪرائي ايس ايڇ او کي هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
پڊعيدن روڊ
0 تبصرے