ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان پاران پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ پوليس درٻار منعقد

ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان پاران پوليس هيڊ ڪوارٽر ۾ پوليس درٻار منعقد

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان پاران پوليس هيڊ ڪوارٽر ٺٽو ۾ سنڌ حڪومت ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ طرفان شروع ڪيل سنڌ پوليس هيلٿ ڪيئر پروگرام جي لاءِ پوليس درٻار جو انعقاد ڪيو. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو جي هدايتن تي ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان پاران پوليس هيڊ ڪوارٽر ٺٽي ۾ سنڌ پوليس جي ويلفيئر جي حوالي سان اسٽيٽ لائف جي سهڪار سان هيلٿ ڪيئر پاليسي بابت پوليس درٻار منعقد ڪئي وئي.جنهن ۾ سڄي ضلعي مان پوليس آفيسرن اهلڪارن ۽ جوانن کي دعوت ڏني وئي. هن درٻار جو مقصد هيلٿ پاليسي تحت هيلٿ ڪارڊ اسڪيم بابت آگاهي ڏيڻ هو. ايس ايس پي ٺٽو ڊاڪٽر محمد عمران خان آفيسرن ۽ اهلڪارن کي هيلٿ ڪارڊ جي استعمال،ان جي ايپليڪيشن جي طريقيڪار ۽ ان جي فائدن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي هن پوليس آفيسرن کي يقين ڏياريو ته سندن صحت ۽ ڀلائي پوليس کاتي جي اولين ترجيح آهي. اجلاس دوران شرڪت ڪندڙن کي ايپليڪيشن جي عملي مظاهري ذريعي رهنمائي ڪئي وئي ته جيئن اهي پاڻ به ان سهولت مان ڀرپور فائدو وٺي سگهن. ايس ايس پي ٺٽو چيو ته هيلٿ ڪارڊ اسڪيم سنڌ حڪومت پاران ۽ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي خاص ڪوششن سان پوليس آفيسرن ۽ سندن خاندانن لاءِ هڪ اهم سهولت آهي جنهن سان سندن صحت جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۾ مدد ملندي.