عمرڪوٽ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر ۽ سينئر صحافي الياس ٿري جي گهرواري لاڏاڻو ڪري وئي

مرحومه جي جنازي نماز نيوڇور جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي

عمرڪوٽ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر ۽ سينئر صحافي الياس ٿري جي گهرواري لاڏاڻو ڪري وئي

عمرڪوٽ(ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر سينيئر صحافي الياس ٿري جي گھري واري ڪجھ ڏينھن کان بيمار رھڻ بعد گذريل ڏينھن لاڏاڻو ڪري ويئي جنھن جي جنازي نماز نيوڇور شھر جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ ادا ڪئي ويئي جنھن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي مرحومه جو تڏو نيو ڇور شھر ۾ رکيو ويو آھي جتي سينئير صحافي الياس ٿري سان تعزيت جو سلسلو جاري آھي جتي ڪالھ جيلاني جماعت جي روحاني پيشوا پ پ ايم اين اي پير امير علي شاھ جيلاني، نواز ليگ جي مرڪزي اڳواڻ مير امان الله ٽالپر، ڊويزنل ڊائريڪٽر انفارميشن شھزاد احمد شيخ، انفارميشن آفيسر عمرڪوٽ اسلم ڀٽي، انفارميشن ميرپورخاص جي آفيسر علي وقاص سھتو، عرفان علي شيخ، صحافي محمد سليم، عمرڪوٽ جي صحافين پريس ڪلب جي صدر غلام محمد ڪنڀر، لجپت مالھي، نظر سميجو، عمر سومرو، امين ڏيپلائي، غلام مصطفي مھر، ڪانجي مل سياسي سماجي حلقن سيد صفدر علي شاھ، موھن لال ميگھواڙ سميت ٻين سماجي حلقن صحافين تڏي تي پُھچي تعزيت ڪئي