شڪارپور بچايو تحريڪ جي سال 2025 لاءِ چونڊ ٿي گذري

چيئرمين لاءِ مسعود احمد قادري، وائيس چيئرمين علامه مشتاق احمد سهندڙو چونڊجي ويا

شڪارپور بچايو تحريڪ جي سال 2025 لاءِ چونڊ ٿي گذري

شڪارپور ( احسان ابڙو ) شڪارپور بچايو تحريڪ جي سال 2025 لاء نئين باڊي جي اليڪشن چيئرمين علامه مسعود احمد قادري جي نگراني ۾ ٿي گذري تفصيل موجب : شڪارپور بچايو تحريڪ جي سال 2025 لاء نئين باڊي جي اليڪشن ڏاڏو ظاھر سومرو جي جڳھ تي ٿي گذري جنھن ۾ شامل مختلف سياسي ،سماجي ،مذھبي جماعتن بازارن جي يونينن ، صحافتي تنظيمن پاران حصو ورتو ويو اليڪشن چيئرمين علامه مسعود احمد قادري ٻن معاون ڏاڏو ظاھر سومرو ۽ علامه عبدالفتاح مھر جي نگراني ۾ شفاف اليڪشن ڪرائي وئي ميمبرن پاران پنھنجي ووٽن جو حق استعمال ڪيو ويو جتي چيئرمين لاء علامه مسعود احمد قادري وائيس چيئرمين : علامہ مشتاق احمد سھندڙو جنرل سيڪريٽري : پروفيسر پرڪاش لال جوائنٽ سيڪريٽري : افضل حسين مغل فنانس سيڪريٽري : ڏاڏو ظاھر سومرو پريس سيڪريٽري : ڪامريڊ احسان جيھو آفيس سيڪريٽري لاء عبدالغفور دايو نئين باڊي لاء چونڊجي آيا انھي موقعي تي قاري مجيب الرحمان مدني ، علي احمد ٻرڙو ، استاد عبدالوھاب ڪاغذي ، ايڊوڪيٽ علي اصغر پھوڙ ، الاھي بخش شيخ ، حاجي سميع الله شيخ ، علامه مسعود احمد قادري ، علامہ مشتاق احمد سھندڙو ، پروفيسر پرڪاش لال ، افضل حسين مغل ، علامه صاحبزاده فضل الله نوراني ، ڪامريڊ احسان جيھو ، شوڪت حسين بلوچ ، ارشاد آرائين عبدالفتاح مھر ، عبدالغفور دايو ۽ ڏاڏو ظاھر سومرو پاران شرڪت ڪئي وئي جڏھن ته نئين چونڊجي آيل باڊي جي عھديدارن ڳالھائيندي چيو ته انشاءَ شھر جي ڀرپور خدمت ڪئي ويندي آخر ۾ دعا خير گھري وئي