ٺٽو (شفيق ڀٽي)عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي صدر بلاول سمون ۽ جنرل سيڪريٽريءَ محمد عمر سرائيءَ سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ ٺٽو جي ڊپٽي ڊائريڪٽر خدا بخش بھراڻي سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪندي ساڻس تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي، ضلعي ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز جون لسٽون ورتيون ، ان موقعي تي ھنن ضلعي ٺٽي ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز ۾ مقامي نوجوانن کي نوڪرين نہ ملڻ تي تشويش جو اظهار ڪندي چيو ته ضلعي ٺٽي ۾ ڪم ڪندڙ اين جي اوز قابليت رکندڙ مقامي نوجوانن کي به نوڪرين ۾ ترجيح نٿيون ڏين جنھن ڪري ضلعي ۾ اھل نوجوان بي روزگاري جي ڪري پريشاني ۽ مايوسي جو شڪار ٿي رھيا آھن، ھنن وڌيڪ چيو تہ ٺٽي ضلعي ۾ ڪيتريون ئي نيشنل ۽ انٽر نيشنل اين جي اوز ڪم ڪري رھيون آھن ۽ ڪروڙين رپين جا پروجيڪٽ پڻ ھلائي رھيون آھن پر ھنن پنھنجي ڪم کي خفيہ رکيو آھي،سرزمين تي ڪا بہ پراگريس ۽ رزلٽ نظر نہ پئي اچي،گھڻن جي تہ آفيسن تي بورڊ بہ لڳل ناھن،ھنن ان ڳالھ تي بہ سخت تشويش جو اظھار ڪيو تہ ڪروڙن جي پراجيڪٽن ۾ شايد ڪرپشن ۽ خورد برد ٿي رھي آھي جنھن ڪري ڪميونٽي کي ڪو فائدو ملندي نظر نہ پيو اچي. نہ وري علائقي ۾ ڪا واضع ڊيولپمينٽ پڻ نظر پئي اچي، ھنن چيو تہ ھاڻ وقت اچي ويو آھي تہ اين جي اوز جو بہ احتساب ڪيو وڃي، کانئن ملندڙ ڪروڙن جي فنڊن بابت حساب ڪتاب پڇيو وڃي ۽ مقامي ماڻھن کي روزگار ڏيڻ بابت بہ پڇاڻو ڪيو وڃي،جنھن لاءِ ھو جلدي صحافين جي وفد سان گڏجي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سان ملي اھي مسئلا سندس سامھون رکندا، ان سان گڏ چونڊيل نمائندن کي بہ ان معاملي تي نوٽيس وٺڻ بابت قائل ڪرڻ لاءِ ساڻن ملاقاتون ڪيون وينديون، ان سان گڏ ڊونر ادارن، ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪندڙ ادارن، وفاقي ۽ صوبائي محستب ادارن جھڙوڪ ايف آئي اي، اينٽي ڪرپشن،سوشل ويلفيئر ڊپارٽمينٽ،ھيومن رائيٽس ڪميشن،چيف سيڪريٽري سميت لاڳاپيل ادارن سان پڻ رجوع ڪيو ويندو،۽ ڪميونٽي کي موبلائيز ڪري احتجاجي تحريڪ پڻ شروع ڪئي ويندي،جڏھن تہ مقامي ماڻھن کي روزگار نہ ڏيندڙ ۽ پراجيڪٽن ۽ فنڊن بابت آرٽيڪل 19 اي رائيٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ تحت تسلي بخش وضاحت نہ ڏيندڙ اين جي اوز جون اين او سيز ڪينسل ڪرائي کين ضلعي کان ٻاھر نيڪالي ڏياربي.
0 تبصرے