مورو پريس ڪلب ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه ملهائي وئي، پ پ اڳواڻ ۽ صحافي شريڪ

فنڪار قادر بخش عمراڻي گيت ڳائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا

مورو پريس ڪلب ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرهه ملهائي وئي، پ پ اڳواڻ ۽ صحافي شريڪ

مورو (جاني جماڻي) مورو ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي پاران ايشياء جي عظيم اڳواڻ ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي باني قائد شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 97 سالگرھ مورو پريس ڪلب ۾ ملھائي وئي. سالگرھ تقريب ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ پريس ڪلب صدر نواب علي اصغر ڪورائي، وقار ميمڻ، نائب صدر وحيد رزاق مستوئي، جوائنٽ سيڪريٽري منظور علي لغاري، آفيس سيڪريٽري جاني جماڻي، سابق صدر خدا بخش ميمڻ، حافظ عبدالحق پنھور، محمد اسحاق ڪورائي، اختر لغاري، ظفرالحق پنھور، علي رضا جوکيو، قاضي عباس، عامر ماڇي، رميز سمون ۽ ٻين شرڪت ڪئي جتي فنڪار قادر بخش عمراڻي شھيد جا گيت ڳائي محفل مچائي ۽ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ ۽ قوم لاءِ قرباني ڏني آھي ۽ ھميشھ لاءِ امر بڻجي ويو، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو عوام جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو جنھن جون خدمتون ڪڏھن به وسرڻ جھڙيون ناھن سندس مشن کي ھن وقت پارٽيءَ اڳواڻ کڻي ملڪ جي خدمت ڪري رھيا آھن.