English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ وڌندڙ گندگي ۽ صفائي سٿرائي نه ٿيڻ خلاف اٺين ڏينهن به احتجاج جاري
108 views
|
05th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
چونڊيل نمائندن ۽ انتظاميه لاپرواهي سبب شهر جا 16 وارڊ گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن: اڳواڻ
نوشهرو فيروز (ڊر)نوشهرو فيروز ۾ گندگي آزار وڌيو ميونسپل چيئرمين، ميونسپل آفيسر ۽ يونين عهديدار ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا سياسي سماجي ڌرين جو گندگي خلاف اٺين ڏينھن به احتجاج جاري، شھر جي مختلف علائقن گندگي خلاف مختلف سياسي، سماجي تنظيمن پاران الله واري چونڪ تي احتجاج ڪيو ويو احتجاج جي اڳواڻي اي پي اي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، ايس يو پي اڳواڻ خادم سيال، مهر علي وسطڙو، سڪندر اعظم عباسي، ضمير لنڊ، علینواز سولنگی ظمیر وسطژو جي ايم ميراڻي، راجا رئيس ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻ چيو ته نوشهروفيروز جي نااهل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب نوشهروفيروز شهر 16 وارڊ گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن سڄو شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آھي جنهن سبب شهر جا معصوم ٻار ۽ شاگرد مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن مختلف علائقا جن ۾ روڊ رستا، مين چوڪ ۽ هيٺائين وارا علائقا، سول اسپتالقبرستانن ، گرلس اسڪول، اسٹیشن رود ۽ مسجدن سامهون ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل آھي هر طرف گندگي جا ڍير لڳا پيا آھن شهر کنڊرات جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ميونسپل ڪاميٽي جي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ آھي پر اها رقم ڪوڙن ووچر ذريعي هڙپ ڪئي وڃي ٿي صفائي ڪندڙ سوين ملازمن ويزا تي آھن هنن وڌيڪ چيو ته ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي ميمڻ، ميونسپل آفيسر وليد شورو سئيپرن جي يونين جا عهديدار ڪشن راجا، مولابخش شيخ، خالد شيخ ملي ڀڳت ڪري سڀ ملازم ويزا تي ڇڏڻ سميت بجيٽ ڪوڙن ووچرن ذريعي ھڙپ ڪري رهيا آھن ھنن چيو ته ملوث عملي خلاف ڪاروائي ڪري شهر جي صفائي ڪرائي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
0 تبصرے