شڪارپور بچايو تحريڪ جي جنرل باڊي جو اجلاس چيئرمين الاھي بخش شيخ جي صدارت ۾ ٿي گذريو

شڪارپور بچايو تحريڪ جي جنرل باڊي جو اجلاس چيئرمين الاھي بخش شيخ جي صدارت ۾ ٿي گذريو

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور بچايو تحريڪ جي جنرل باڊي جو اجلاس چيئرمين الاھي بخش شيخ جي صدارت ۾ مدرسه زين العلوم قادريہ شڪارپور ۾ ٿي گذريو اجلاس جي ڪاروائي جنرل سيڪريٽري عبدالوھاب ڪاغذي پاران ھلائي وئي جتي شڪارپور بچايو تحريڪ جي سال 2025 لاء چونڊجي آيل نئين باڊي جي حلف برداري تقريب جي لاء تاريخ ۽ وينيو بابت غور ويچار ڪيو ويو جنھن بابت متفقه طور تي سڀ اختيار نئين باڊي کي ڏنا ويا تہ ھو حلف برداري تقريب بابت وينيو ۽ تاريخ طعي ڪندا ساڳي وقت روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ فوت ٿيل شڪارپور جي صحافي عبدالمنان حنفي بروھي ۽ ڪجھ ڏينھن اڳ دوست ھٿان قتل ڪيل محسن عرف گل دايو جي افسوسناڪ واقعن تي ڏک ۽ افسوس جو اظھار پڻ ڪيو ويو مرحومين جي مغفرت لاء دعا پڻ گهري وئي انھي موقعي تي جنرل باڊي جي اجلاس ۾ نئين چونڊجي آيل چيئرمين علامه مسعود احمد قادري وائيس چيئرمين علامه مولانا مشتاق احمد سھندڙو جوائنٽ سيڪريٽري افضل حسين مغل فنانس سيڪريٽري ڏاڏو طاھر حسين سومرو پريس سيڪريٽري ڪامريڊ احسان جيھو آفيس سيڪريٽري عبدالغفور دايو اڳوڻو چيئرمين قاري مجيب الرحمان مدني اڳوڻو چيئرمين ايڊوڪيٽ علي اصغر پھوڙ حاجي سميع الله شيخ علامه صاحبزادہ حافظ فضل الله نوراني مولانا عبدالفتاح مھر پاران شرڪت ڪئي وئي.