تقريب دوران پ پ اڳواڻن ۽ جيالن پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي شاندار نموني ڀيٽا پيش ڪئي وئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع عمرڪوٽ پاران قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 97 هين سالگره کي پيپلز سيڪريٽريٽ برهان الدين ڪنڀر هائوس وهرو شريف ۾ جوش و خروش سان ملھائي وئي، تقريب کي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلع عمرڪوٽ جي صدر ڊاڪٽر سيد نورعلي شاهه، جنرل سيڪريٽري صوفي نواز سومرو ۽ ضلع انفارميشن سيڪريٽري برھان الدين ڪنڀر خطاب ڪيو، ان موقعي تي تعلقه پٿورو، تعلقه سامارو، تعلقه عمرڪوٽ ۽ تعلقه ڪنري جا مختلف اڳواڻ ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ موجود هئا، تقريب ۾ اهم شخصيتون موجود هيون ان ۾ تعلقه پٿورو جو صدر عاشق حسين ڇورو، تعلقه سامارو جو صدر حاجي اعجاز راھو، تعلقه عمرڪوٽ جو جنرل سيڪريٽري محمد امين پلي، تعلقه سامارو جو انفارميشن سيڪريٽري ڏاتربخش سينھڙو، سٽي صدر ڊاڪٽر گھنشام داس راٺوڙ ڪنري سٽي صدر مھر مصطفي، سٽي واحد بخش سمون، گلزارن سمون، نورجھان ڳيلھڙو، پرويز رند، بنسي مالھي، منٺار آريسر، حاجي معشوق پلي، شيواند سنڌي، انفارميشن سيڪريٽري موتي رام ميگھاڻي ۽ علي حسن لاشاري پڻ شامل هئا، تقريب ۾ جيالن ورڪرن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ قائد عوام جي جدوجهد ۽ قرباني کي سچي عقيدت سان خراج عقيدت پيش ڪيو، ان موقعي تي قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي حياتي ۽ ڪارنامن تي روشني وڌي ۽ انهن جي وطن لاءِ ٿيل قربانين کي اجاگر ڪيو ويو
0 تبصرے