شهدادپور ۾ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سوين سنڌياڻين سميت هزارين ماڻهن جي درياهه بچايو ريلي ڪڍي وئي
شھدادپور (رپورٽر) شھدادپور ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ سوين سنڌياڻين سميت ھزارين ماڻھن جي درياھ بچايو ريلي ڪڍي وئي، ھالا چوڪ کان نڪتل ريلي پريس ڪلب پھتي تہ جلسي عام ۾ تبديل ٿي وئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪينال آصف علي زرداري پيو ٺھرائي زرداري صاحب بلاول صاحب هي ڪينال ناهن سنڌ ۽ ست ڪروڙ سنڌين لاءِ موت جو پروانو آھن ھي صرف سنڌو درياءَ تي ڌاڙو ناھي، ھي ڪينال سنڌ جي وجود ۽ بقا تي، سنڌين جي حال ۽ مستقبل تہ بدترين حملو آھن.آصف زرداري ڪينالن جي منظوري ڏئي هاڻي چوي ٿو تہ ڪينال ڪڍڻ ڪونہ ڏينداسين پنجاب ظلم پيو ڪري اهيا ڊرامي بازي نہ ڪيو سنڌ سان ظالم توهان ڪيو آهي
آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي ڊراما بند ڪري ،توھان صدر ايوان ۾ 6 نوان ڪينالن جي منظوري ڏئي سنڌو درياھ سميت وسيلن تي سمورا ڌاڙا پاڻ پيا ھڻايو. آدمشماري جو فيصلو ٻئي ڪنهن ڪون ڪيو ھو توهان ڪيو ھو سي سي آء کي توهان خط لکيو ھو جيڪا آدمشماري ڏھن سالن کان پوءِ ٿيڻي هئي جيڪا پنج سال پھرين ڪرائي سنڌ جون سيٽون ۽ آدمشماري گھٽ ڪري سنڌ کي وڏو نقصان ڏئي ڇڏيو پوءِ وري چوندا آهيو اسان سنڌ لاءِ ڀرپور آواز بلند ڪيو.اياز لطيف پليجي چيو تہ چولستان ڪئنال 7 ڪروڙ سنڌين کي قتل ڪرڻ جو منصوبو آھي. سنڌو درياھ تي ڌاڙي سان سنڌ بيابان ۽ بنجر ٿي ويندي. گرين پاڪستان جي نالي ۾ زمينن ۽ پاڻي تي قبضا بند ڪيا وڃن.
پيپلز پارٽيءَ سنڌ کي ڪرپشن، سرداري نظام، ڏوھن ۽ وڏيرا شاھي جو مرڪز بنائي ڇڏيو آھي. زرعي تباھي جي ڪري سنڌ بک، بدامني ۽ بدحالي جو شڪار آھي. سنڌ جي نوجوانن لاءِ ميرٽ ۽ روزگار جا رستا بند آھن. سانگھڙ کي ھٿ وٺي بدحال ڪيو ويو آھي. مخالفن کي انتقام جو نشانو بنائي قتل ڪيو وڃي ٿو.
سانگھڙ جي نوجوانن ۽ نياڻين جي اعلي تعليم لاءِ سورھيه بادشاھ ميڊيڪل، انجنيئرنگ، زرعي ۽ آئي ٽي يونيورسٽيز قائم ڪيون وڃن. صنعتي زون قائم ڪري نوجوانن کي روزگار ڏنو وڃي. آبادگارن کي بنا وياج جي قرض ڏنا وڃن. بي زمين ھاري خاندانن کي مفت زرعي زمينون ڏنيون وڃن.اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪ ڪرپشن، خوف ۽ انتقام سان نہ ھلندو. برابري، انصاف ۽ رواداري سان ترقي ڪندو. سنڌ جي پاڻي، زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نہ ڪنداسين. جيڪي حڪمران عوام کان ٻہ وقت کي ماني بہ کسي وٺن آھي گورننس ڪيئن ڏيندا.
پ پ 17 سالن ۾ سنڌ جو پاڻي، زمينون، وسيلا ۽ ٻيٽ ڏئي اقتدار ورتو آھي. سنڌ حڪومت جي وزيرن کان وٺي ناظمن تائين ڪرپٽ ماڻھو مال غنيمت ڪري اربين جي ڪرپشن ڪري رھيا آھن. نيب ۽ ايف آئي اي ڪرپشن ۾ سھولتڪار ثابت ٿيا آھن. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ مان چونڊجندڙ پارٽين عوام کي مايوس ڪيو آھي، اھي پنھنجو احتساب ڪن. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ کان لاتعلق بڻيل آھن. شھرن ۽ ٻھراڙين ۾ عورتون، اقليتون ۽ ٻار غير محفوظ آھن. سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن کي ڌاڙيلن جي حوالي ڪيو ويو آھي. سنڌ حڪومت روزگار جا وسيلا پيدا ڪرڻ، ميرٽ جو قتل بند ڪرڻ، سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي ڏيارڻ بدران انڪم سپورٽ جي نالي ۾ ماڻھن کي فقير بنائي انھن جي توھين ۽ تذليل ڪري رھي آھي.
اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪينالن جي مصيبت اوچتو آسمان مان نہ ڪري آھي اھي سنڌ دشمن منصوبا آصف علي زرداري جوڙي رھيو آهي. پيپلزپارٽي جي تاريخ رهي آهي ھنن سدائين سنڌ ۽ پاڪستان دشمن فيصلا ڪيا آهن. پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت آدمشماري تي سي سي آء کي خط لکيو تہ آدمشماري ڪرايو پوءِ سنڌ جون سيٽون گهٽجي ويون تہ پيپلزپارٽي وري گم ٿي وئي. ھاڻي وري ڪينالن تي ڊرامو پيا ڪن. 6 نوان ڪئنال جي منظوري آصف علي زرداري ڏني. پيپلزپارٽي چاھي ٿي اسان کي حڪومت ڏيندا رهو عيوضي ۾ سنڌ جو پاڻي ۽ وسيلا کڻي وڃو. تنهن ڪري سنڌ جي ماڻهن کي سمجھڻ کپي تہ سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو پيپلزپارٽي، آصف علي زرداري ۽ سندس فرزند بلاول ڀٽو زرداري پيو ھڻائي.
اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن سنڌ ۽ ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھي. ملڪ ۽ قومي شفافيت سان ترقي ڪن ٿيون. ڪرپٽ وزيرن ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪري انھن کي جيل موڪليو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪي تاريخ ۾ ڪنھن بہ ڪرپٽ وزير کي گرفتار ڪري سزا ناھي ڏني وئي، جنھنڪري پٽيوالي جي نوڪري کان وٺي اعلي پوسٽون ڪروڙين روپين ۾ وڪرو ٿين ٿيون. جيڪي ڪامورا پئسا ڏئي مقرر ٿين ٿا،
اھي عوام جي دولت تي اچي ڌاڙا ھڻن ٿا. ڪنھن بہ آفيس ۾ عوام جو ميرٽ تحت ڪم نٿو ٿئي. ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا وڪامن ٿا ۽ پوءِ ناقص ڪم ڪري اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿو، اھڙي صورتحال ۾ سنڌ ۽ ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگھي ٿو. عوام جي حقن تي ڌاڙا ھني…
0 تبصرے