ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو پاران پوليو مهم جو باقاعده آغاز

منور عباس سومرو سول اسپتال مڪلي ۾ ٻارن کي ڦڙا پياري مهم جو افتتاح ڪيو

ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو منور عباس سومرو پاران پوليو مهم جو باقاعده آغاز

ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو سول اسپتال مڪلي ۾ ٻارن کي پوليو کان بچاءَ جا ڦڙا پياري 15 ڊسمبر کان شروع ٿيندڙ پوليو مهم جو باقاعده آغاز ڪري ڇڏيو . ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر سيد صفدر علي شاهه ، سول سرجن سول اسپتال سيد يامين عالم شاهه ۽ ٻيا آفيسر به گڏ موجود هئا. بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر جي قيادت هيٺ سول اسپتال مڪلي کان ڊي سي چوڪ تائين عوامي آگاهي ريلي پڻ ڪڍي وئي ، جنهن ۾ ڊاڪٽر ، ليڊي هيلٿ ورڪرز ، اسٽاف ۽ مقامي ماڻهو وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن بينرز ۽ پوسٽرز ذريعي پوليو جي خاتمي جو پيغام عام ڪيو . ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر عوام کي پوليو جي خطري ۽ حفاظتي ڦڙا پيارڻ جي اهميت بابت آگاهه ڪيو . ھنن چيو ته پوليو هڪ موذي مرض آهي ، جنهن کان مستقبل جا معمار محفوظ ڪرڻ اسان سڀني جو قومي فرض آهي . هنن چيو ته پوليو خلاف مهم ۾ والدين ۽ ڪميونٽي جو تعاون انتهائي اهم آهي ۽ پوليو جا قطرا پيئڻ هر ٻار جو حق آهي. هي مهم ٻارن جي صحت جي حفاظت لاءِ لازمي آهي. هنن والدين کي اپيل ڪئي ته اهي پنهنجي پنجن سالن تائين عمر وارن هر ٻار کي پوليو جا ٻه ڦڙا ضرور پيارن ته جيئن انهن کي دائمي معذوري کان بچائي سگهجي.