لاڙڪاڻو: شھيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ لاڳاپيل ادارن جي فيڪلٽيءَ جي افتتاحي تقريب

لاڙڪاڻو: شھيد بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ لاڳاپيل ادارن جي فيڪلٽيءَ جي افتتاحي تقريب

لاڙڪاڻو (بيورو) شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي پريس ترجمان پنھنجي جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو آھي تہ ، شھيد محترمہ بينظير ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۾ ھائير ايجوڪيشن ڪميشن ، نيشنل آئوٽ ريچ پروگرام تہ يونيورسٽي سان منسلڪ ادارن جي فيڪلٽيءَ جي افتتاحي تقريب چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج لاڙڪاڻو ۾ منعقد ڪئي وئي تقريب جي صدارت شھيد محترمہ بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہ ڪئي ، جڏھن تہ ان موقعي تي سنڌ زرعي يونيورسٽي شڪارپور جو وائيس چانسلر پروفيسر محمود الحسن ، نيشنل اڪيڊمي آف ھائير ايجوڪيشن جي مينيجنگ ڊاريڪٽر ڊاڪٽر نور آمنہ ملڪ ، اسسٽنٽ ڊاريڪٽر سھيل رضا منگي ، پرنسپال چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج پروفيسر ڊاڪٽر ضمير احمد سومرو ۽ ڊاريڪٽر ڪيو اي سي التمش شيراز پڻ موجود ھيا ٽريننگ ۾ يونيورسٽي سان منسلڪ ادارن جي لڳ ڀڳ 30 فيڪلٽي ميمبرن کي شروعاتي طور ٽريننگ ڏني ويندي ان موقعي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاہ پنھنجي خطاب ۾ چيو تہ ھيء ٽريننگ تقريبن ھڪ مھينو ھلندي جيڪا فيڪلٽيءَ جي پيشہ وراڻہ صلاحيتن کي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ، نيشنل اڪيڊمي آف ھائير ايجوڪيشن جي مينيجنگ ڊاريڪٽر ڊاڪٽر نور آمنہ ملڪ آن لائين خطاب ۾ چيو تہ نيشنل آئوٽ ريچ پروگرام چيو تہ ھن پروگرام کي تيار ڪرڻ جو مقصد فيڪلٽي ۽ کي جديد قسم جي پروگرام سان روشناس ڪرائڻ آھي، جيئن سکيا جي عمل ۾ جدت آڻي سگهجي تقريب ۾ آيل مھمانن کي ثقافتي تحفا پڻ پيش ڪيا ڪيا ويا ، اھڙو بيان يونيورسٽيءَ جي پريس ترجمان عبدالصمد ڀٽيءَ طرفان جاري ڪيو ويو