ملڪ اندر 1273 عورتن کي بي درديءَ سان قتل، 799 کي اغوا ۽ 579 کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو : رپورٽ
سکر(بيورو) سال 2024 ۾ ملڪ اندر 4 هزار 558 ڪيس رپورٽ ٿيڻ جو انڪشاف، عورتن مٿان تشدد جي روڪٿام لاءِ ملڪ اندر ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ساحل رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي. جنوري 2024 کان نومبر 2024 عورتن تي تشدد تشدد جا 4558 ڪيس رپورٽ ٿيا. صوبائي ڪوآرڊينيٽر برڪت علي انصاري جو چوڻ هو ته ملڪ اندر 1273 عورتن کي بي درديءَ سان قتل ڪيو ويو.
عورتن جي اغوا جا 799، تشدد جا 579 ڪيس رپورٽ ٿيا. ملڪ اندر 533 عورتن کي جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو ويو. 380 عورتن جا مختلف سببن ڪري خودڪشيءَ جا ڪيس رپورٽ ٿيا. سال 2024 جي رپورٽ ٿيل ڪيسن ۾ 95 سيڪڙو بالغ عورتن ۽ 5 سيڪڙو نابالغ نياڻين کي نشانو بڻايو ويو عورتن مٿان تشدد جا سڀ کان وڌيڪ 73 سيڪڙو ڪيس پنجاب ۾ رپورٽ ٿيا. 15 سيڪڙو ڪيس سنڌ، 8 سيڪڙو خيبرپختونخواهه، 2 سيڪڙو اسلام آباد ۽ 2 سيڪڙو بلوچستان ۾ ڪيس رپورٽ ٿيا. 2024 جي صرف ڊسمبر مهيني ۾ جنسي بنياد تي تشدد جا 554 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتن مٿان تشدد جا 86 ڪيس ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيا. ٻئين نمبر تي خيرپور ۾ 65 عورتن تي تشدد جا ڪيس رپورٽ ٿيا. ٿرپارڪر 51، نوشهروفيروز 38، گهوٽڪيءَ ۾ 37، سکر ۾ 36، لاڙڪاڻو ۾ 35 واقعا ٿيا.
سڀ کان وڌيڪ 21 کان 30 ورهين جي عمر جي عورتون وحشي درندن جي نشاني تي رهيون. ننڍي عمر جا 459 ڪيس، 11 کان 20 سالن جي عمر جا 444 ڪيس رپورٽ ٿيا. 31 کان 40 سالن جي عمر جا 167 ڪيس رپورٽ ٿيا عورتن مٿان مختلف قسمن جي تشدد واري رپورٽ ٿيل ڪيسن ۾ 33 سيڪڙو جوابدار سڃاتل هئا. 14 سيڪڙو ڪيسن ۾ مڙس، 10 سيڪڙو ڪيسن ۾ نامعلوم ماڻهو شامل هئا.
0 تبصرے