سيد مراد علي شاهه ملير ۾ حسن سليمان ميموريل اسپتال جي پيڙھ جو پٿر رکيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ حڪومت ۽ پاڪ آمريڪا جي گڏيل سهڪار سان ملير ۾ حسن سليمان ميموريل اسپتال جي پيڙھ جو پٿر رکيو ويو آهي هي رٿا انسان دوستي ۽ بين الاقوامي سهڪار جو هڪ مظبوط ثبوت آهي، اسپتال ۾ ايمرجنسي، ڪيئر ڪارڊيڪ، سرجري، ڪارڊيولاجي ۽ پيڊياٽرڪس جو علاج مفت ۾ ڪيو ويندو اهڙن خيالن جو اظهار وڏي وزير قومي شاهراھ لڳ عبدالله ڳوٺ ۾ سليمان ميموريل اسپتال جي پيڙھ جي پٿر واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو هن وڌيڪ چيو ته مونکي فخر آهي ته صحت واري شعبي ۾ سنڌ حڪومت بهتر ڪم ڪيو ۽ اڃان وڌيڪ ڪم ڪرڻو آهي هن چيو ته اسان هڪ ڇت هيٺ صحت جو سهولتون فراهم ڪري رهيا آهيون ان حوالي سان آصف زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوامي خدمت ۽ بهتري لاءِ هدايتون ڏيندا رهن ٿا ۽ شهيد محترم بينظير ڀٽو کي به هميشه غريب عوام جي پريشاني هوندي هئي هن چيو ته اين آئي سي وي ڊي ڪراچي ۾ سڀني کان زياده اينجيو پلاسٽي ٿينديون آهن ٻئي نمبر تي ايس آئي سي وي ڊي سکر آهي جتي دل جي مريضن جو علاج ٿييندو آهي اسان صوبي جي هر ضلعي اين آئي سي وي ڊي جا سيٽلائيٽ سينٽر ۽ ڇاتي جا سينٽر جوڙيا آهن وڏي وزير آمريڪا ۾ آباد پرڪاستانين جي ڪوششن ۽ فراخدلي جي ساراهه ڪئي ان موقعي تي حسن سليمان فائونڊيشن جي چيئرمين ڊاڪٽر جاويد سليمان حڪومت جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته صدر آصف زرداري جي عوامي خدمت ۽ سنڌ حڪومت جي فراهمي ۽ مالي سهڪار ساراھ جوڳو عمل آهي اسپتال ۾ مفت، معياري ۽ طبي سهولتون فراهم ڪيون وينديون اسپتال جي صدر ڊاڪٽر اقبال ظفر چيو ته اسپتال ملير جي ڪميونٽي لاءِ جياپي جو ذريعو بڻجندي، پراجيڪٽ چيئرمين طارق رفيع چيو ته 312 بسترن تي ٻڌل اسپتال جو ڪم ٻن سالن ۽ مڪمل ڪيو ويندو ۽ اسپتال لاءِ 4 ملين ڊالرن جو بندوبست ٿي چڪو آهي ان موقعي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، تعليم وارو وزير سردار شاھ، صوبائي وزير سليم ڪلمتي، صوبائي وزير رياض شاھ شيرازي ۽ ٽائون چيئرمين نظير ڀٽو پڻ موجود هئا
0 تبصرے