عمرڪوٽ ۾ آل سنڌ اينڊ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ڪواٽر فائينل کيڏيو ويو

قائد اعظم محمد علي جناح جي سالگرهه جي تقريب منعقد، ڪيڪ به ڪاٽيو ويو

عمرڪوٽ ۾ آل سنڌ اينڊ شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ڪواٽر فائينل کيڏيو ويو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ ھلندڙ آل سنڌ اينڊ پاڪستان قائد عوام شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ڪواٽر فائينل ميچ بابائي قوم قائد اعظم محمد علي جناح جي سالگرہ جي موقعي تي منعقد ٿيو جنھن ۾ پاڪ آرمي جي آفيسرن ليفٽيننٽ ڪرنل بابر شھباز، ميجر مدثر، ليفٽيننٽ حسن، روشن علي سميت چيئرمين ميونسپل ڪميٽيءَ عمرڪوٽ ۽ اسپانسر سيف اللہ خالد سراج سومرو، آرگنائيزر رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ سيڪريٽري المھراڻ ڪرڪيٽ اڪيڊمي رسول بخش رحيمداڻي، ڊي او ۽ آرگنائزر تاج خاصخيلي سميت ٻين قائد اعظم محمد علي جناح جي سالگرہ جو ڪيڪ ڪٽيو ۽ قائد اعظم محمد علي جناح جي زندگيءَ تي روشني وڌي ۽ آيل سمورن مھمانن کي آرگنائزر رسول بخش رحيمداڻي ۽ ڊي او تاج خاصخيلي ٿر جي ثقافت لوئي جا تحفا پيش ڪيا ۽ سمورو پنڊال پاڪ فوج زندہ آباد پاڪستان زنده آباد جي نعرن سان گونجي اٿيو، جڏھن تہ عبدالله شاھ ڪرڪيٽ اڪيڊمي ڀاڻ سعيد آباد ۽ ايمس حيدرآباد جي وچ ۾ ڪواٽر فائينل کيڏيو ويو جنھن ۾ ايمس حيدرآباد وارن پھرئين بيٽنگ ڪندي 9 وڪيٽن تي 225 رنسون ٺاھيون ۽ 226 جو ٽارگيٽ ڏنو، نعمان علي بيٽنگ ڪندي 69 رنسون ماجد اصغر 55 رنسون ٺاھي نمايا رھيا جواب ۾ بيٽنگ ڪندي عبدالله شاھ ڪرڪيٽ اڪيڊمي 23 اوورن ۾ 226 رنسون ٺاھي 7 وڪيٽن جي نقصان تي ٽن وڪيٽن تان ڪوارٽر ميچ کٽي ورتو، جڏھن تہ مئن آف دي ميچ عبيد ستار کي آرمي ڇور ڪينٽ جي ميجر مدثر ڪيش پرائيز جو انعام ڏنو، جڏھن تہ خالد سيف اللہ سراج سومرو، آرگنائيزر رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي المھراڻ ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي سيڪريٽري رسول بخش رحيمداڻي، ڊي او تاج خاصخيلي ۽ ٻين بہ ٻنھي ٽيمن ۾ انعام تقسيم ڪيا.باباءِ قوم قائد اعظم محمد علي جناح جي سالگرہ ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ پاڪ فوج جي جوانن آفيسرن ۽ عمرڪوٽ جي سياسي سماجي شخصيتن جي شرڪت ماروي گرائونڊ پاڪ فوج زندہ پاڪ پاڪستان زندہ آباد جي نعرن سان گونجي اٿيو