نوشهروفيروز ۾ صفائي نه ٿيڻ ۽ گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين جو انوکو احتجاج

چيئرمين ڪاشف مصطفي ميمڻ ۽ سي ايم او وليد شورو ڪرپشن ۾ پورا آهن: اڳواڻ

نوشهروفيروز ۾ صفائي نه ٿيڻ ۽ گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين جو انوکو احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ گندگي گندو پاڻي نيڪال نه ٿيڻ خلاف شهرين جو انوکو احتجاج وڊيو وائرل شهر جي هيٺائين چونڪ تي گندو پاڻي بيهجي وڃڻ خلاف شهرين گڏجي چيئرمين ۽ ميونسپل آفيسر جو پتلو ٺاهي انوکو احتجاج ڪيو اهڙي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي شهرين پاران وڊيو ۾ پنهنجي موقف ۾ چيو ويو آهي ته سڄوئي شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آهي چيئرمين ڪاشف مصطفي ميمڻ ۽ سي ايم او وليد شورو ڪرپشن ۾ پورا آهن جيڪي صفائي ڪرائڻ بجاءِ بجيٽ جي صفائيو ڪرڻ ۾ رڌل آهن جيڪي ماهوار ٽي ڪروڙ هڙپ ڪري وڃن ٿا شهر گندي پاڻي جو تلاءُ بڻجي ويو آهي هنن چيو ته روڊن رستن تي گندو پاڻي بيهڻ سبب سندن روزگار متاثر ٿئي پيو جڏهن ته هيٺائين کان اسٽيشن تائين وڃڻ محال بڻجي ويو آهي هنن چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن جلد کان جلد شهر جي صفائي نه ڪئي وئي ته چيئرمين جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو