پير سائين پاڳاري جو سنڌ جي جياپي لاءِ آواز اٿارڻ اثرائتو بڻجي ويو

عبدالوحيد عباسي

پير سائين پاڳاري جو سنڌ جي جياپي لاءِ آواز اٿارڻ اثرائتو بڻجي ويو

واقعي ئي حق سچ جا نعرا ڀيڄ پاڳارا وارا ۽ آزادي يا موت ۽ زندگي قربان ڪندڙ سورهيه بادشاهه جي مريدن عقيدتمندن جا نعرا وطن يا ڪفن جا نعرا وڏا شاندار ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان نينهن نڀائڻ جا وطن ڌرتي مٽيءَ سان بي انتها محبت اڪير ڀريا نعرا آهن سڄي سنڌ بلڪ دنيا جي لکين ڪروڙين ماڻهن ڏٺو ته حرن جو روحاني پيشوا حضرت پير سائين پاڳارو جو پوري سنڌ نه بلڪ ڪجهه ڏينهن جو 9 ڏينهن جو روحاني سفر جو دورو هيو هر جاءِ هر شهر ڳوٺ وستي واهڻ نگر نگر ۾ حق سچ جا ڀيڄ پاڳارا وارا امن سلامتي مٺ محبت پريٽ پيار نياڻين کي تعليم سان سرفراز ڪرڻ، پنهنجي اولاد کي منشيات، سوپارين، گٽڪو سميت ٻين معاشري جي ناسور عادتن کان پري رهڻ ۽ پنهنجي اولاد کي بهتر ماحول ڏيڻ ۽ انهن کي بري صحبت کان بچائڻ جي تلقين ڪندا رهيا، گهرن، اوطاقن جي اڳيان وڻ ٻوٽا لڳائڻ جي هدايت ڪرڻ وڏو تاريخي ڪم آهي.

سنڌ بلوچستان جي نون ڏينهن جي دوري دوران وک وک تي شهر شهر والهانه شاندار فقيد المثال استقبال ڪيو ويو. پوري سنڌ قوم جي مارو ماڻهن اکين دل و جان سان دل جي گهيرائين سان استقبال ڪري واضع ڪيو ته پير سائين پاڳارو صرف هڪ ذات، هڪ برادري، هڪ ڪنهن ڪميونٽي لاءِ ناهي بلڪ پير سائين پاڳارو پوري سنڌي قوم جو دلبر دلربا رهبر رهنماء آهي، پير سائين پاڳاري جي قافلي ۾ هميشه رشد و هدايت نيڪي ڀلائي درود و سلام پڙهڻ ۽ پاڙيسرين سان سٺو هلڻ سٺو برتاء ڪرڻ ۽ پنهنجي اولاد مان پٽن سميت خاص ڪري نياڻين کي ديني ۽ دنياوي تعليم ڏيارڻ لاءِ هدايت ڪندي ٻڌو هوندو.

حرن جي روحاني پيشوا حضرت پير سائين پاڳارو جي خاندان هميشه پنهنجي وطن ڌرتيءَ جي جياپي آجپي لاء سدائين اهڙو اثرائتو ۽ مضبوط آواز اٿاريو آهي جنهن جو ڪو مثال نٿو ملي سگهي، ٿر، بر، ڪاڇو، اتر ۽ لاڙ هر طرف پير سائين پاڳاري جي آمد تي ڪروڙن جي تعداد مريد عقيدتمند مارو ماڻهن جون تازيون خوشيون ڏسڻ وٽان هيون. 40 ڪن جو چوڻ آهي ته 42 سالن کان پوءِ مرشد پير سائين پاڳاري جي پنهنجي مارو ماڻهن جي مٿان مهر ٿي آهي جو ديدار پنهنجي اباڻن ماڳن تي بخشيو ويو آهي. وڏي سالن جي آس اميد مس مس پوري ٿي. مرشد جي مهر سان گهر گهر خوشحالي شادماني خوشيون وسنديون.

حرن جي روحاني پيشوا، گرينڊ ڊيموڪريٽ الائنس (جي ڊي اي) ۽ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي سربراهه حضرت پير سائين پاڳارو سيد صبغت الله شاهه راشدي سنڌ ۽ بلوچستان جي طوفاني 9 روزه دوري جي آخر ۾ بلوچستان جي شهر اوسته محمد ويجهو ڳوٺ ڪوٽ نور محمد جمالي ۾ سابق وزیر اعلي ۽ سابق گورنر بلوچستان جان محمد جمالي جي دعوت تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۾ ڪجهه به ڪڏهن به ٿي سگهي ٿو، ملڪ جي مستقبل بابت ڪنهن کي ڪو به پتو ناهي، اسان جي ووٽ سان حڪومت نه ٺهندي آهي ۽ نه ئي ڊهندي آهي،

سنڌ جي جياپي سنڌو دريا کي قيد ڪري نوان ڪئنال ٺاهڻ جي حوالي سان حرن جي روحاني پيشوا پير سائين پاڳاري اها ڪئي ته ڪئنال ڪڍرائڻ جي گارنٽي پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ ملڪ جي صدر آصف علي زرداري ڏني آهي، جنھن تي اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون، ڪئنالن سبب ٻوڏ جي سيزن مند ۾ به پاڻيءَ جي کوٽ رهي، بلوچستان صوبي جي ماڻهن جو حال ڏسي افسوس ٿيو آهي، اهڙا به علائقا آهن جتي پيئڻ لاءِ به پاڻي ناهي،

سنڌ کي پاڻي نه مليو ته پوءِ بلوچستان کي ڪٿان پاڻي ملندو، پير سائين پاڳاري اها به واضع ڪئي ته ڪالا باغ ڊيم جو منصوبو ضياء دور ۾ ئي ختم ٿي چڪو هو، بينظير ڀٽو جي حڪومت ان لاءِ فنڊ رکيا هئا، عزت ۽ انصاف بنا ڪو معاشرو نه هلي سگهندو آهي، پير سائين پاڳاري جو چوڻ هيو ته سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ لاءِ سنڌ مان آصف علي زرداري کي اليڪشن کٽرائي وئي. ڪئنال ڪڍڻ سان بلوچستان سنڌ کان وڌيڪ متاثر ٿيندو. سنڌو درياهه مان صدر آصف علي زرداري اين او سي ڏني آهي ته اسان ڪجهه به نٿا ڪري سگهون. اسان کي ته هارايو ويو آهي ۽ هارايل ماڻهو آهيون.

هن کان بهتر هيو ته ملڪ ۾ مجلس شوري ويهاري وڃي ها، جيڪڏهن عزت دار ماڻهو سياست مان ٻاهر ٿي ويندا ته پوءِ ٺيڪيدار ملڪ هلائيندا. اسان کي ملڪ جي بهتري لاءِ سوچڻو آهي. ٻوڏ هجي يا آفتون مدد لاءِ رڳو فوج ايندي آهي. ملڪ جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ جي اشد ضرورت آهي. باقي سنڌ جي پاڻيءَ مٿان نوان ڪئنال ٺاهي سنڌ سميت بلوچستان صوبن جي ڪروڙين عوام کي پاڻيءَ ئي نه پر جياپي جو تحفظ ٿيڻ گهرجي.

حرن جي روحاني پيشوا پير سائين پاڳاري جو سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي بخوبي آگاهه ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن ڪئنال ٺاهيا وڃن ٿا ته پوءِ سنڌ م ئي پاڻي نه هوندو ته پوءِ بلوچستان ڏانهن ڪيئن پاڻي پهچندو. هي ڳالهه قابل غور آهي ته جڏهن پوري سنڌي قوم سراپا احتجاج بڻيل آهي ۽ سنڌ جي هر طرف هر پليٽ فارم تان اهو آواز اچي رهيو آهي ته اسان کي ڪئنال نه بلڪ ڌرتيءَ جو جياپو گهرجي

۽ تاريخ جي تلخ حقیقت اها آهي ته پير سائين پاڳاري موجب ته اين او سي ڪئنال ٺاهڻ جي گارنٽي ڏيندڙ ڪو ٻيو ناهي بلڪ پنهنجي سنڌ صوبي جي مٿان گذريل 17 سالن کان اقتدار ۾ رهندڙ پاڪستان پيپلزپارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ئي آهي. جيڪڏهن ڪئنال ٺاهي سنڌ جي پاڻيءَ کي روڪيو ويو ته پوءِ رڳو زمينن، فصلن، ٻني ٻاري جو ئي سوال ناهي پر سنڌ جي پيئڻ جي پاڻيءَ جر جو صاف ملندڙ پاڻي به ملڻ مشڪل بڻجڻ جو سوال آهي. جڏهن جر نه هوندو ته پاڻي ڪيئن ملندو ۽ پاڻي جي لپ لاءِ سڪائيندڙ اقتدار پرست ٽولو آخر پنهنجي لکين ڪروڙين سنڌ ۽ بلوچستان جي عوام کي ڪهڙي امتحان ۾ وجهڻ چاهين ٿا.

سنڌ جي وجود جياپي جو سوال آهي. هتي پ پ پ ۽ ن ليگ جو يا پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ گرينڊ ڊيموڪريٽ الائنس جي ڊي اي جو نه پر سموري سنڌ جي ڪروڙين مارو ماڻهن جي زنده رهڻ جو سوال وڏي اهميت رکي ٿو. اميد ته سنڌ سان محبت ڪندڙ سمورين سياسي، مذهبي، ڪاروباري، واپاري تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن سميت سنڌ جي گهڻ گهرن کي گهرجي ته پ پ جي اعلي قيادت کي اپيل ڪئي وڃي ته سنڌ آهي ته اسان به آهيون

جيڪڏهن ڪئنال نه ٺهيا ته ڇا ٿيو اڳ ۾ به اهڙو رينگٽ ڪالا باغ ڊيم سميت ٻين ڪئنالن جي تعمير اڏڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون ويون پر ڌرتي جي جانثارن جي جدوجهد ڪوششن سنڌ دشمن قوتن کي خاموش ڪرڻ تي مجبور ڪيو هو هاڻي وقت جي اها تقاضا آهي ته سنڌ جي سنڌو درياهه مٿان ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهن. نه ته پوء حرن جي روحاني پيشوا پير سائين پاڳارو جي آواز کي لبيڪ چوڻ وارا لکين ڪروڙين مارو ماڻهو حيدرآباد وارو ڪروڙين ماڻهن جو تاريخ ساز ميڙاڪو گهرائڻ ڄاڻين ٿا.