English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
انساني حقن لاءِ ۽ جنسي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد خلاف سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو: ساڃاهه وند
221 views
|
24th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) انساني حقن لاء جاکوڙ ۽ جنسي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي لاء اسان سڀني کي پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري گڏجي جھدوجھد ڪرڻي پوندي. سڄاڻ ڌريون خبر موجب سينٽر فار پيس اينڊ ڊولپمينٽ انيشيٽوز (سي پي ڊي آئي) پاران انساني حقن لاء جاکوڙ ۽ جنسي بنيادن تي ٿيندڙ تشدد جي خاتمي بابت مقامي ھال ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي ويئي جنھن ۾ سياسي سماجي حلقن، صحافين، ڳوٺاڻن، سماج جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ جاکوڙي ڪردارن شرڪت ڪئي جتي گڏجاڻي دوران ڳالھائيندي سماجي اڳواڻ علي اڪبر راھمون چيو ته جيڪي ماڻھو پنھنجي بنيادي حقن جي ڄاڻ نٿا رکن انھن ۾ سڄاڳي پيدا ڪرڻ لاء اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو سول سوسائيٽي کي صرف اين جي اوز سان نه ڀيٽيو وڃي جيڪي به مختلف ڪميٽيز ۽ سماج ۾ بھتري لاء ڪم ڪري رھيا آھن سول سوسائيٽي جو حصو آھن سوشل ويلفيئر ڊپارٽمنٽ عمرڪوٽ جي ڊپٽي ڊائريڪٽر مرتضي گوھر چيو ته تعليم کانسواء ترقي ممڪن ناھي سماج ۾ ڏينھون ڏينھن تبديليون اچي ويون آھن ۽ اڳتي به ھر فيلڊ ۾ تبديلي ايندي ماڻھن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاء وڏي جاکوڙ ڪرڻي پوندي ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي ميمبر دليپ ڪمار مولچنداڻي چيو ته سنڌ حڪومت طرفان سرڪاري ادارا ڪم ڪن پيا انھي کان علاوه ورلڊ بئنڪ جي حوالي سان به ڪم ھلن پيا ھر ماڻھو کي پنھنجي حصي جو ڪم ڪرڻ گُھرجي ھن چيو ته عمرڪوٽ جي مسئلن جي مون نشاندھي ڪندي ميونسپل ڪميٽي جي اجلاس ۾ آواز اٿاريو آھي ميڊيا جي نمائندن کي به مسئلن جي حل لاء آواز اٿارڻ گُھرجي سماجي اڳواڻ عاطف علي ۽ سريش ڪمار پراگاني چيو ته نياڻين کي وڌ کان وڌ تعيلم ڏيارڻ گُھرجي 18 سالن کان گھٽ ڄمار ۾ شاديون نه ڪرائڻ گُھرجن جيڪي به پنھنجي بنيادي حقن جي ڄاڻ کان واقف ناھن ھنن کي ڄاڻ فراھم ڪري حق ڏيارڻ گُھرجي سماجي اڳواڻ مير حسن آريسر چيو ته گورنمينٽ جي ادارن ۾ ويٺل لوڪل ماڻھو آھن ھر ڪو پنھنجي وسان ڪم ڪري رھيا آھن سماجي ادارن ۽ گورنمينٽ جي ماڻھن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڪردار سان ڪافي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا ھر ماڻھو جي پنھنجي حصي جو ڪم ڪري ته بھتري اچي سگھي ٿي وڪيل محمد بخش ڪنڀر چيو ته اسان وٽ جيسيتائين ڪنھن به مسئلي جي ڄاڻ نه ھوندي ته انھي جي حل لاء اسان ڪيئن ڪردار ادا ڪنداسين اسان سڀني کي پنھنجي حصي جو بھتر نموني سان ڪردار ادا ڪرڻو پوندو عورتن تي ٿيندڙ تشدد جي واقعن جي روڪٿام لاء به جاکوڙ ڪرڻي پوندي ھن تقريب کي محدود نه رکڻ کپي مسئلن جي حل لاء جھدوجھد ڪرڻ گُھرجي سماجي اڳواڻن عبدالله کوسو ۽ عبدالجبار ڪنڀر چيو ته جيڪي ٻارڙا اسڪول کان ٻاھر آھن انھن جي داخلا لاء اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ کپي والدين کي به پابند ڪرڻ گھرجي ته اُھي ٻار کي پڙھائن تعليم جي واڌاري لاء ڪوششون وٺڻ گُھرجن ضلعي ڪائونسل ميمبر نورجھان ڳيلھڙو چيو ته اسان کي عورتن لاء برابري جي ڳالھ ته ڪئي وڃي ٿي پر اسان کي پنھنجا حق نٿا ڏنا وڃن انھي لاء چوندس ته اسان کي موقعا فراھم ڪري ڏنا وڃن گڏجاڻي ۾ ايڊوڪيٽ سڪندر کوسو، سينيئر صحافي ممتاز آريسر، عبدالغني ھاليپوٽو، عبدالعزيز رحماني، عورت اڳواڻ فرين مگسي، منيش ڪمار سوني سميت ٻين ڳالھائيندي چيو ته عوامي مسئلا حل ڪرڻ لاء گڏجي جاکوڙ ڪرڻي پوندي گڏجاڻي ۾ سماجي اڳواڻ عالمگير ٻلال، آصف بجير، نوجوان صحافي غلام مصطفي مھر سميت ٻيا پڻ موجود ھئا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ساڃاهه وند
سينٽر فار پيس اينڊ ڊولپمينٽ انيشيٽوز
CPDI
عمرڪوٽ
جنسي بنيادن
0 تبصرے