English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران تڪراري ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرا
141 views
|
29th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
نوابشاهه، ڄامشورو، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، نوشهروفيروز سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا
ڪراچي/نوشهروفيروز (رپورٽرز وٽان) پ پ شهيد ڀٽو پاران تڪراري ڪئنالن خلاف نوابشاهه، ڄامشورو، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، نوشهروفيروز سميت مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، پ پ شهيد ڀٽو ضلع حيدرآباد پاران سنڌو تي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ شامل ماڻهن پاران بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي ڪئنالن جي اڏاوت خلاف نعريبازي پ پ (ش ڀ) حيدرآباد جي صدر ارشاد خاصخيلي، پرويز بلوچ، جاويد بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪيو ويو، جيڪب آباد ۾ پ پ شهيد ڀٽو پاران سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ خلاف احتجاجي مظاهرو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو، ڪارڪنن شهيد ڀٽو هائوس کان نديم قريشي، نور محمد منجهو، عبدالسميع سومرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيو پنجاب جا حڪمران سنڌ درياهه مان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر بڻائڻ چاهين ٿا، سنڌ جي حڪمرانن اقتدار خاطر سنڌ جي پاڻي سميت معدني وسيلا وڪرو ڪري ڇڏيا آهن سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو منظور ناهي جيڪڏهن وفاق پنهنجو فيصلو تبديل نه ڪيو ته شهيد ڀٽو پاران سنڌ پنجاب جي دنگ تي ڌرڻو هنيو ويندو ، نوشهروفيروز ۾ سنڌو درياء مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف پ پ پ ( ش ڀ)جي سڏ تي ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهرين جن جي اڳواڻي خالد کوسو، بشارت کوسو، امجد ٻوھيو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا انهن چيو ته سنڌو درياء مان 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي. هنن چيو ته سنڌو درياء سنڌ جي ساهه جي رڳ آهي جنهن کي سڪائڻ جي ڪابه سازش قبول نه ڪئي ويندي.. لاڙڪاڻي ۾ پ پ شھيد پارٽي پاران سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي ان موقعي تي عبدالستار جاگيراڻي سليم چنو محراب ڀٽو رستم شاھ سميت ٻين جو چوڻ هو ته سنڌو درياءَ سنڌ جي شھ رڳ آهي جنهن مان نوان تڪراري ڪئنال ڪڍي سنڌ جي زراعت کي هٿ سان تباھ ڪيو پيو وڃي هنن وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي نوٽيس وٺي تڪراري ڪئنالن وارو فيصلو واپس وٺي سنڌ کي بنجر ٿيڻ کان بچايو وڃي. ڄامشورو ۾ شھيد ڀٽو جي سڏ تي رحيم بخش کوسو،ديدار حسين ٻگھيو،شهزاد راڄڙ،سليمان ڀلائي،علي بروهي،نظر جوڻيجو،طالب شاھ ۽ ٻين جي اڳوڻي ۾ ريلي ڪڍي انڊس هاءِ وي بلاڪ ڪيو ويو، اڳواڻن چيو ته سنڌو مٿان ڪئنال ٺاهڻ ڪنهن به صورت ۾ نه ڏينداسين، سنڌو درياه اسان جو جياپو آهي،سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش تي ڀرپور جدوجھد ڪنداسين، پاڪستان پيپلز پارٽي شھيد ڀٽو ضلعي نوابشاھ پاران صوبائي آرگنائيزر ڪميٽي طرفان 29 ڊسمبر تي سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ويو ان سلسلي ۾ پ پ شهيد ڀٽو ضلع نوابشاهه پاران نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران ضلع صدر اڪبر سوڍر جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو منعقد ڪيو ويو احتجاجي مظاهرو سنڌو درياءَ مٿان 6 ڪينال ڪڍڻ خلاف سخت نعري بازي ڪئي وئي ۽ حڪمران کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ کي بنجر ڪرڻ واري سازش کي رد ڪيو وڄي ۽ سنڌ صوبي جي عوام سان انصاف ڪيو وڃي نہ ته پ پ شھيد ڀٽو جلد سنڌو درياءَ مان 6 ڪينال واري رٿا خلاف پوري سنڌ ۾ ڀرپور تاريخ جو آغاز ڪندي ۽ سنڌو درياءَ خلاف ھر سازش کي پ پ شھيد ڀٽو ناڪام بڻايندي احتجاجي مظاهري ۾ بابر مغيري شاهڪار ملاح مٺل جلباڻي عبدالرزاق رند غازي نجيب چانديو جاويد لانگاھ وسيم ڀٽي مدد علي جمالي مختيار سنڌي لالا انور ڀٽي عبدالغفور ڀٽو ارشاد خاصخيلي اعجاز ميراڻي نعمان جمالي عبدالحق جتوئي نديم خاصخيلي عرفان جمالي مُشتاق کوکر اختيار سنڌي بسنت ڪمار ۽ ٻين ورڪرن ڀرپور شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: امام بارگاهه سجاده سخي ڏاتار پيرپٺي ۾ فلسطين ۽ ايران جي حق ۾ ريلي
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
جماعت اسلامي ضلعي ٺٽي پاران افطار ڊنر تقريب منعقد ڪئي وئي
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
باقراڻي ۾ شيعا علماءِ ڪائونسل پاڪستان پاران يوم القدس ريلي ڪڍي وئي
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي ظاهر ڪرڻ ۽ بيت المقدس جي آزادي لاءِ ريلي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوابشاهه
ڪراچي
پ پ شهيد ڀٽو
تڪراري ڪئنالن
0 تبصرے