نوشهروفيرو جي جوڙي ڪراچي ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

سجاد ڏهر ۽ سهڻي ڏهر عدالت ۾ پرڻي بعد تحفظ لاءِ پريس ڪلب پهتا

نوشهروفيرو جي جوڙي ڪراچي ۾ پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو

ملير (درياخان شر) نوشھروفيروز محبت ديرو جو جوڙو سنڌ هائي ڪورٽ پهچي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو ، جوڙي پاران تحفظ جي اپيل ، پيار جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جي ڪانفرنس ، ان موقعي تي سجاد ڏهر پٽ محمد سفر چيو ته سھڻي ڏهر ڌيء غلام مهر ڏهر سان ڪراچي پهچي سنڌ هائي ڪورٽ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آھي جنهن بعد سهڻي ڏهر جو پيء ڀائر ۽ مائٽ جان جا وري بڻجي ويا آھن هن چيو ته سھڻي ڏهر جامائٽ مون ڪٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن اسانکي جاني تحفظ ڏنو وڃي ، سهڻي ڏهر ڌء غلام مهر چيو ته مونکي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو مان عاقل بالغ آهيان سجاد ڏهر سان ڪراچي ۾ اچي پنهنجي راز خوشي سان شريعت محمدي موجب سنڌ هائي ڪورٽ ۾ نکاح ڪيو آھي جنهن بعد منهنجا مائٽ منهنجي مڙس سجاد مهر جي گهرڀاتين جي گهر پوليس ڇاپا هڻائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي حراسان ڪري رهيا آھن جيڪو سراسر غلط آھي سهڻي ڏهر چيو ته منهنجي مڙس سجاد ڏهر ۽ انهن پيء ڀائر مائٽن مٿان ڪيس داخل نه ڪيا وڃن هن آئي جي سنڌ پوليس ، ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کي اپيل آهي تحفظ ڏنو وڃي ته جيئن اسان پنهنجي زندگي پنهنجي سڪون سان گذاري سگهون