ملڪ سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آهي، سياسي ليڊرشپ ۽ قيادت بدعنوان آهي: رياض چانڊيو

ملڪ سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آهي، سياسي ليڊرشپ ۽ قيادت بدعنوان آهي: رياض چانڊيو

شڪارپور (احسان ابڙو ) جيئي سنڌ محاذ جي سربراه رياض چانڊيو شڪارپور ڊسٽرڪٽ بار کي خطاب ڪندي چيو تہ 77 سالن کان هن ملڪ ۾ ڪڏهن به قانون جي حڪمراني ناهي رهي جمهوريت آزاد ۽ خودمختيار پارليامينٽ ۽ انصاف ڏيندڙ عدليا جو تصور ڪڏنهن بہ ناهي رهيو حڪمرانن ڪڏنهن بہ عوام کي بااختار بڻائي طاقتور ناهي ڪيو اڄ اهوئي سبب آ تہ ملڪ سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار آ ملڪ جي سياسي ليڊرشپ ۽ قيادت بدعنوان ۽موقعي پرست ۽ عوام دشمن آهي اها ڏينهون ڏينهن مسئلن جي دلدل ۾ تہ ڦاسي ٿي پر ملڪ کي ٻاهر ڪڍڻ لاء ۽هن رياست ۾ جنهن ۾ مظلوم قومون رهن ٿيون جن جي ٻولي جن جا تاريخي اختيار جن اقتصادي ۽ معاشي وسيلا انهن جو احترام نہ ٿيندو انهن جي لٽ مار بند ٿيندي انهن قومن کي هٿرادو ۽ جعلي طريقي سان اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري سازش بند نہ ٿيندي تيسيتائين هي بحران اڃا ڀيانڪ شڪل اختيار ڪندو ايڏا وڏا قومي اساسا هجڻ باوجود سنڌ جا ماڻهون بک ۽ بدحالي جو شڪار آهن سنڌ پاڪستان ۾ گئس جي ذخيرن سان مالامال آ پر سنڌ جا ماڻهون ٻہ ويلا ماني پچائڻ لاء پريشان آهن تہ ٻي طرف ڪراچي ۾ غير ملڪين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي هي جعلسازي جو ڌنڌو هن ملڪ کي تباهي ڏانهن کڻي ويو آ ۽ هاڻي تہ اسانجي جياپي جو آخري ذريعو سنڌو درياء جنهن تي غيرقانوني ڪئنال ٺاهي اسانجو پاڻي کسيو پيو وڃي تنهنڪري اهو ضروري ٿي پيو آ تہ سنڌ جا قانوندان اڳتي اچي پاڻي واري تحريڪ جو حصو بڻجن ڇو جو هي جنگ اسانجي حقيقي ۽ قانوني جنگ آهي.