عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ, اي ڪي 48 ڪلب ڪراچي پاران المهراڻ ڪلب کي شڪست

المھراڻ ڪرڪيٽ ڪلب ۽ اي ڪي 48 ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچيءَ جي وچ ۾ مقابلو ٿيو

عمرڪوٽ ۾ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ, اي ڪي 48 ڪلب ڪراچي پاران المهراڻ ڪلب کي شڪست

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ آل سنڌ ۽ پاڪستان قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ هڪ شاندار ميچ کيڏيو ويو، جنهن ۾ المھراڻ ڪرڪيٽ ڪلب ۽ اي ڪي 48 ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچيءَ جي وچ ۾ مقابلو ٿيو، هي ميچ تمام دلچسپ ۽ سنسني خيز رهيو، جتي اي ڪي 48 ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچيءَ 202 رنسن جو ٽارگيٽ پورو ڪندي فتح حاصل ڪئي، المھراڻ ڪرڪيٽ ڪلب ان ميچ ۾ شروعاتي طور تي بيٽنگ ڪندي 201 رنسون ٺاھڻ ۾ ڪامياب ٿي، ان ٽيم جي طرف کان سروڻ سنگھ 42 رنسون ۽ فھيم 32 رنسون ٺاهي اهم ڪردار ادا ڪيو، المھراڻ ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي بيٽنگ لائن هن ميچ ۾ مجموعي طور تي 201 رنسن جو اسڪور قائم ڪيو، جواب ۾ اي ڪي 48 ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي پنهنجي شاندار بيٽنگ سان 202 رنسن جو هدف پورو ڪيو، عبدالقادر خان 85 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رھيو جنھن ميچ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان کان علاوه نعمان 45 رنسن جو ڪامياب اسڪور قائم ڪيو، جنهن سان ڪلب جو مجموعي اسڪور 202 رنسن تائين پهتو، اي ڪي 48 ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچيءَ 25 اوورن ۾ صرف 7 وڪيٽن جي نقصان تي ميچ جي فتح حاصل ڪئي، ميچ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگر عبدالقادر خان کي "مين آف دي ميچ" جو ايوارڊ آرگنائيزر رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ سيڪريٽري المھراڻ ڪرڪيٽ ڪلب رسول بخش رحيمداڻي ۽ ڊي او آرگنائيزر تاج محمد خاصخيلي ڏنو، اڄوڪي ميچ ۾ ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ هزارين شائقين موجود هئا، جن ميچ کي ڏسي پنهنجي جوش ۽ جذبي جو مظاهرو ڪيو، ڪراچيءَ جي ڪيپٽن، اعظم خان ميچ بعد ڳالهائيندي چيو ته اسان کي هتي اچي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي رهي آهي ۽ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ڄڻ اسان بين الاقوامي سطح تي ڪو ميچ کيڏي رهيا آهيون، هن چيو ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ هڪ ڪامياب ٽورنامينٽ بڻجي چڪو آهي ۽ اسان اسپانسر سيف اللہ خالد سراج سومرو ۽ آرگنائيزر رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ سيڪريٽري المھراڻ ڪرڪيٽ ڪلب رسول بخش رحيمداڻي جا شڪرگذار آهيون، جيڪي هميشه اسانکي سڏيندا آهن، جڏھن تہ اڄ دادو برادرس ڪرڪيٽ ڪلب ۽ اي ڪي 48 ڪرڪيٽ ڪلب ڪراچي جي وچ ۾ ميچ کيڏيو ويندو، جنهن ۾ هڪ زبردست مقابلي جو امڪان آهي، ان ميچ جي بابت اميد ڪئي پئي وڃي ته اهو به شائقين لاءِ دلچسپ ۽ سنسني خيز ثابت ٿيندو، جڏھن تہ سنڌ جي مشھور سريلي راڳيءَ جواد علي بہ رسول بخش رحيمداڻي سان گڏ ماروي گرائونڊ ۾ ھي ميچ ڏٺو ياد رھي تہ سنگر جواد علي دنيا جي علائقن ۾ پنھنجي سريلي آواز جا جوھر ڏيکاري چڪو آھي.