English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نيو ڪراچي ٽائون کي خوبصورت پارڪ جو تحفو، عائشه منور پردا پارڪ مرمت بعد بحال
views
|
27th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ٽائون چيئرمين محمد يوسف وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير سان گڏ پارڪ جو افتتاح ڪيو
ڪراچي (رپورٽ: اعجاز چانڊيو) نيو ڪراچي ٽائون پاران عوام کي ھڪ خوبصورت پارڪ جو تحفو. نيو ڪراچي ٽائون سيڪٽر 5 سي 2 ۾ عائشه منور پردا پارڪ جي مرمت بعد بحال ٿي ويو. نيو ڪراچي ٽائون جي چيئرمين محمد يوسف. وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير عائشه منور پردا پارڪ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي نيو ڪراچي ٽائون جي مختلف يونين ڪميٽين جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن، جماعت اسلامي فيملي ڊپارٽمينٽ جي عهديدارن، پارڪ ڪميٽي ميمبرن عمران فقير، توقير خان، عمران شفيق، فيضان قريشي، ڪوآرڊينيٽر چيئرمين نيو ڪراچي حنظله انور قريشي، ڊپٽي ڊائريڪٽر باغات آفتاب احمد، سينيئر آفيسر باغات جاويد جمال، انچارج بي اينڊ آر فيصل صغير، ايم اي اينڊ ڊي ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن ۽ ٻين لوڪل گورنمينٽ آفيسرن ۽ خاص ڪري عورتن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ موجود ھيا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون محمد يوسف چيو ته نيو ڪراچي ٽائون ۾ عائشه منور پردا پارڪ پنهنجي نوعيت جو پهريون پارڪ آهي جنهن ۾ هڪ خوبصورت ٻارنھن دري ۽ هڪ خوبصورت فنٽين تعمير ڪئي وئي آهي. پارڪ جي وچ ۾ ٻارن لاءِ خوبصورت جھولا آهن، عورتن ۽ بزرگن جي ويهڻ لاءِ آرامده ۽ آرائشي بينچ آهن. هن چيو ته ميونسپل سروسز کي صحت مند ۽ خوشگوار ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، اسان پنهنجي عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا، الحمدالله اهي واعدا بنا ڪنهن وقفي جي پورا ڪري رهيا آهيون، نيو ڪراچي ٽائون جي پارڪن ۽ راندين جي ميدانن کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي مرمتي ڪم جاري آهي. جنهن ۾ باغباني ڊپارٽمينٽ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، هن چيو ته اڄ اسان جنهن ماحول ۾ آهيون، ان لاءِ سڄي شهر ۾ خوشگوار ماحول هجڻ گهرجي. الحمدلله ٽائون چيئرمين جي حيثيت سان الله پاڪ مونکي نيو ڪراچي ٽائون جي عوام جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ نيو ڪراچي ٽائون کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ هن ٽائون جي رهواسين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو. اڄ چونڊيل مڪاني نمائندا نيو ڪراچي ٽائون جي هر علائقي ۾ وڃي عوام جا مسئلا ٻڌي رهيا آهن ۽ انهن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيا آهن اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ٽائون چيئرمين کي چارج ملي ته نيو ڪراچي ٽائون جو هي پارڪ باغن سان گڏ هن پارڪ جي بحاليءَ جو ڪم ڪيو ويو ۽ اڄ الحمدالله عائشه منور پردا پارڪ تيار ڪري عوام لاءِ کوليو ويو آهي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير چيو ته ڪنهن به منزل تي پهچڻ لاءِ پختو عزم ۽ ارادي جي ضرورت ھوندي آهي، چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون محمد يوسف جي اڳواڻي ۾ نيو ڪراچي ٽائون جي عوام جا مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪرڻ لاء ڪوشان آھيون. ان موقعي تي چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون محمد يوسف افيسرن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ کين اعزازي شيلڊون پڻ ڏنيون
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عائشه منور پردا پارڪ
ڪراچي
0 تبصرے