English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نيو ڪراچي ٽائون کي خوبصورت پارڪ جو تحفو، عائشه منور پردا پارڪ مرمت بعد بحال
179 views
|
27th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ٽائون چيئرمين محمد يوسف وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير سان گڏ پارڪ جو افتتاح ڪيو
ڪراچي (رپورٽ: اعجاز چانڊيو) نيو ڪراچي ٽائون پاران عوام کي ھڪ خوبصورت پارڪ جو تحفو. نيو ڪراچي ٽائون سيڪٽر 5 سي 2 ۾ عائشه منور پردا پارڪ جي مرمت بعد بحال ٿي ويو. نيو ڪراچي ٽائون جي چيئرمين محمد يوسف. وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير عائشه منور پردا پارڪ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي نيو ڪراچي ٽائون جي مختلف يونين ڪميٽين جي چيئرمينن ۽ وائيس چيئرمينن، جماعت اسلامي فيملي ڊپارٽمينٽ جي عهديدارن، پارڪ ڪميٽي ميمبرن عمران فقير، توقير خان، عمران شفيق، فيضان قريشي، ڪوآرڊينيٽر چيئرمين نيو ڪراچي حنظله انور قريشي، ڊپٽي ڊائريڪٽر باغات آفتاب احمد، سينيئر آفيسر باغات جاويد جمال، انچارج بي اينڊ آر فيصل صغير، ايم اي اينڊ ڊي ڊپارٽمينٽ جي آفيسرن ۽ ٻين لوڪل گورنمينٽ آفيسرن ۽ خاص ڪري عورتن ۽ ٻارڙن وڏي انگ ۾ موجود ھيا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون محمد يوسف چيو ته نيو ڪراچي ٽائون ۾ عائشه منور پردا پارڪ پنهنجي نوعيت جو پهريون پارڪ آهي جنهن ۾ هڪ خوبصورت ٻارنھن دري ۽ هڪ خوبصورت فنٽين تعمير ڪئي وئي آهي. پارڪ جي وچ ۾ ٻارن لاءِ خوبصورت جھولا آهن، عورتن ۽ بزرگن جي ويهڻ لاءِ آرامده ۽ آرائشي بينچ آهن. هن چيو ته ميونسپل سروسز کي صحت مند ۽ خوشگوار ماحول فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي، اسان پنهنجي عوام سان جيڪي واعدا ڪيا هئا، الحمدالله اهي واعدا بنا ڪنهن وقفي جي پورا ڪري رهيا آهيون، نيو ڪراچي ٽائون جي پارڪن ۽ راندين جي ميدانن کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي مرمتي ڪم جاري آهي. جنهن ۾ باغباني ڊپارٽمينٽ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، هن چيو ته اڄ اسان جنهن ماحول ۾ آهيون، ان لاءِ سڄي شهر ۾ خوشگوار ماحول هجڻ گهرجي. الحمدلله ٽائون چيئرمين جي حيثيت سان الله پاڪ مونکي نيو ڪراچي ٽائون جي عوام جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏنو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ نيو ڪراچي ٽائون کي نظرانداز ڪيو ويو ۽ هن ٽائون جي رهواسين جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ تي ڌيان نه ڏنو ويو. اڄ چونڊيل مڪاني نمائندا نيو ڪراچي ٽائون جي هر علائقي ۾ وڃي عوام جا مسئلا ٻڌي رهيا آهن ۽ انهن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيا آهن اهو ئي سبب آهي جو جڏهن ٽائون چيئرمين کي چارج ملي ته نيو ڪراچي ٽائون جو هي پارڪ باغن سان گڏ هن پارڪ جي بحاليءَ جو ڪم ڪيو ويو ۽ اڄ الحمدالله عائشه منور پردا پارڪ تيار ڪري عوام لاءِ کوليو ويو آهي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چيئرمين شعيب بن ظهير چيو ته ڪنهن به منزل تي پهچڻ لاءِ پختو عزم ۽ ارادي جي ضرورت ھوندي آهي، چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون محمد يوسف جي اڳواڻي ۾ نيو ڪراچي ٽائون جي عوام جا مسئلا ترجيح بنيادن تي حل ڪرڻ لاء ڪوشان آھيون. ان موقعي تي چيئرمين نيو ڪراچي ٽائون محمد يوسف افيسرن جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ کين اعزازي شيلڊون پڻ ڏنيون
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عائشه منور پردا پارڪ
ڪراچي
0 تبصرے