ڪنب ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري ۽ جعفر ڀٽو جي آزادي لاءِ ريلي

پروفيسر اجمل ساوند سنڌ جو وڏو ڪردار هو، سندس قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي: اڳواڻ

ڪنب ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري ۽ جعفر ڀٽو جي آزادي  لاءِ ريلي

ڪنب (رپورٽر) ڪنب ۾ پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري ۽ جعفر ڀٽو جي آزادي لاء احتجاج ريلي چوڪ تي ڌرڻو قاتلن تي لعنت جا وسڪارا پوليس انتظاميه جي سست رفتاري سبب جوڌا جوان قتل پيا ٿين ھڪ پروفيسر سنڌ جي ثپوت جا قاتل گرفتار نه پيا ٿين آء جي سنڌ جي نا اهلي آھي ،اڳواڻ رپورٽ موجب تحريڪ انقلاب نوجوان پاڪستان ضلع خيرپور پاران ڪنب ۾ اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاء جعفر ڀٽو جي بازيابي لاء ضلعي قيادت جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر عاشق حسين لاشاري جنرل سيڪريٽري توفيق لنڊ جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ سول سوسائيٽي ۽ صحافين جي وڏي انگ ۾ شرڪت پروفيسر اجمل ساوند جي قاتل جي گرفتار جعفر ڀٽو جي بازيابي لاء ريلي ۾ صوبه سنڌ جي مرڪزي آرگنائيزر غلام سرور پنهيار سينئر نائب صدر ضلع خيرپور سيد عارف حسين شاه ھيڊ آف ھيومن رسورسز اڳواڻ ڊاڪٽر ذاڪر حيسن مھراڻي اعظم گل ڪپتان رجب علي ملاح لال ڏنو گوپانگ شاهد منگي تعلقه ڪوٽڏيجي صدر پانڌي خان پنھيار جنرل سيڪريٽري اعظم گل بروھي تعلقه ڪوٽڏيجي سئنئير نائب ناظم سڪيلڌو شباڻي تعلقه ڪنگري صدر عبدالصمد خاصخيلي جنرل سيڪريٽري اشفاق احمد ڌوڪي تعلقه نارو جنرل سيڪريٽري محمد رفيق شنباڻي اشوڪ ڪمار اسد علي جلباڻي نائب سومرو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي کي مقرين خطاب ڪندي ٻڌايو ته تحريڪ انقلاب نوجوان پاڪستان هميشه سنڌ جي ان قردارن کي ياد ڪندي پروفيسر اجمل سنڌ جي وڏي قردار کي ڪڏھن نه وساريندو ان جو قصور صرف اھو ھيو ته ان قسم کنيو ته قيد قوم کي انهن وڏيرن ڀوتارن کان آزادي ڏياريندس سنڌ جي نوجوانن کي غلامي جي زنجير مان ڪڍڻو آ پر افسوس سان سنڌ جي ان عظيم قردار کي قوميت جي نالي تي گولين جو کاڄ بڻايو ويو افسوس سان هن سماج ۾ نظرياتي شخص کي معاشري ۾ ماريو ٿو وڃي انهن وڌيڪ چيو ته هتي ڪير به محفوظ ناهي ھڪ طرف مسنگ پرسن لاء ڪير به ايڪشن نہ ٿو وٺي جنھن سبب جعفر ڀٽو هن وقت تائين بازياب نه ٿي سگھيو آهي انهن جي وارثن ۾ عيد جي خوشي به نظر نه ٿي اچي وارثن جي پريشاني ڏسي نه ٿي سگھجي امن تحفظ هر شهري ضرورت آهي پر هت ته سڀ ڪجھ ان جي ابتڙ پيو ٿو هلي جنگل جو قانون آهي انهن وڌيڪ ٻڌايو ته تحريڪ انقلاب نوجوان پاڪستان هر ان مظلوم جو آواز آھي جيڪو ظالم جي اڳيان ان جي ظلم ۾ وڪوڙيو پيو آهي اسان ان زهني غلام معاشري کي ان زهني غلامي مان آزاد ڪرائڻ لاء جدوجھد جاري رکنداسين انهن وڌيڪ چيو ته امن تعليم صحت جو نظام معاشري ۾ بهتر بڻايو وڃي امتيازي سلوڪ به ڪنهن تي برداشت جوگو عمل ناهي ھنن مطالبو ڪيو آھي ته اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪري جيلن جي سلاخن ۾ آندو وڃي ته جيئن سنڌي قوم جي بيچيني ختم ٿي جفر ڀٽو کي به آزادي ڏياري وڃي