مورو (جاني جماڻي) سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڊپٽي ڪمشنر نوشھروفيروز ارسلان سليم، مورو ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين نذير احمد ميمڻ، سي ايم او نور محمد سمون ۽ انڪروچمينٽ عملي سان گڏ مورو شھر ۾ حد دخلين خلاف مورو مين روڊ، دادو روڊ، درس روڊ تي حد دخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو جنھن دوران دوڪاندارن پاران رکيل صندل، ريڙھا کڻائي وڌايل ڇپرا ۽ دڪانن اڳيان وڌايل دڪا ڪرين مشين گھرائي ڊھرايا ويا ۽ رکيل حد دخلين ۾ سامان کڻايو ويو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ارسلان سليم چيو ته شھر ۾ وڌندڙ حد دخلين جي شڪايتن تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ڪارروائي ڪئي پئي وڃي اسان سمورن کي پھريان نوٽيس جاري ڪيا ھئا پر انھن تي عمل نہ ڪيو ويو ۽ انھن وڌندڙ حد دخلين سبب مورو مين روڊ، دادو چونڪ تائين رش سبب بند رھندو اھي جنھن جي ڪري اسپتال لاءِ ويندڙ مريض اسپتال نہ پھچي سگھندا آھن ۽ صبح جي وقت اسڪول ۽ ٻين آفيسن ڏانھن ويندڙ آفيسر ملازم ۽ اسڪولي شاگرد شاگردياڻيون پنھنجي وقت سان نہ ٿا پهچي سگهن ان ڪري شھر ۾ حد دخلين خلاف آپريشن ڪيو ويو آھي جن به دوڪاندارن حد دخليون نه هٽايون ته ان خلاف قانوني ڪارروائي جاري رھندي. ان موقعي تي ايس ايس پي نوشھروفيروز سنگھار ملڪ، دي ايس پي مورو محسن رضا جنڊاڻ، ايس ايڇ او مورو مجيب الرحمان ناريجو، ايس ايڇ او درس مير محمد رند، ايس ايڇ او نوان جتوئي رفيق ٻوھيو ۽ ايس ايڇ او رفيق رند موجود ھئا. جڏھن تہ اھڙي عمل کانپوءِ سول سوسائٽي پاران شھر جي بھتري قرار ڏنو آھي ۽ چيو آھي تہ ھن سان شھر جا روڊ رستا ويڪرا ٿيندا ۽ اچ وڃ ۾ آساني پيدا ٿيندي.
0 تبصرے