English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل جو اجلاس، سنڌو درياھ تي ٺھندڙ 6 ڪئنالن خلاف رٿ اڪثريت راء سان منظور
158 views
|
19th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جو اجلاس، سنڌو درياھ تي ٺھندڙ 6 ڪئنالن جي خلاف رٿ اڪثريت راء سان منظور، ميمبرن طرفان ٻيلي کاتي، پبلڪ ھيلٿ، صحت کاتي سميت مختلف کاتن خلاف دانھون ڪيون ويون خبر موجب عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل جو اجلاس ڪالھ ضلعي چيئرمين حاجي بقا پلي جي صدارت ھيٺ سورھيه بادشاھ ڪامپليڪس ھال ۾ منعقد ٿيو جنھن ۾ ضلعي وائس چيئرمين ميان خالد ولھاري سميت ضلعي ڪائونسل جي ميمبرن، مختلف کاتن جي آفيسرن، صحافين شرڪت ڪئي اجلاس جي موقعي تي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر شاھنواز جوڻيجو طرفان ضلعي ڪائونسل جي ھلندڙ ترقياتي ڪمن بابت بريفينگ ڏيندي چيو ته ھن وقت عمرڪوٽ ضلعي ۾ ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ 24-2023 جون ٽوٽل 162 اسڪيمون آھن، جنھن مان 20 اسڪيمون مڪمل ٿي چڪيون آھن، 27 اسڪيمن تي ڪم ھلندڙ آھي ۽ 115 اسڪيمن تي ڪم شروع نہ ٿي سگھيو آھي جيڪو به جلد ڪرايا ويندا جن به يونين ڪائونسل ۾ ڪم نه ٿيا آھن ته انھي جي ٺيڪيدارن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن جڏھن ته اجلاس دوران ضلعي ڪائونسل جي ميمبر شاھنواز جوڻيجو طرفان سنڌو درياھ تي 6 ڪئنال اڏڻ واري مامري تي رٿ پيش ڪندي چيو ته پاڻي اسان جي لاء جياپي جو وڏو مسئلو آھي سنڌو جي پاڻي تي 6 ڪئنال جيڪي ٺھن پيا ھن خلاف رٿ پيش ڪريان پيو جنھن لاء سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي ۽ اسان به مذمت ٿا ڪريون ته سنڌو درياھ جي پاڻي تي 6 ڪئنال ڪنھن به صورت ۾ قبول ناھن پيش ڪيل رٿ کي اڪثريت راء سان منظور ڪئي ويئي ميمبرن طرفان ٻيلي کاتي، پبلڪ ھيلٿ کاتي ۽ صحت کاتي سميت ٻين کاتن خلاف دانھيو جنھن تي ضلعي چيئرمين لاڳاپيل عملدارن کي جلد شڪايتون ختم ڪري رليف ڏيڻ جي ھدايت ڪئي اجلاس ۾ وائيس چيئرمين ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ ميان خالد ولھاري، ميمبرن عبدالواحد آريسر ۽ نورجھان ڳيلھڙو سميت ٻين ميمبرن پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ضلعي ڪائونسل
0 تبصرے