English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ درياھ تي ڌاڙو لڳو ۽ 6 نوان ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ مقتل گاھ بڻجي ويندي: اياز لطيف پليجو
views
|
19th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ درياھ تي ڌاڙو لڳو ۽ 6 نوان ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ مقتل گاھ بنجي ويندي. سنڌ جا ماڻھو سنڌ حڪومت مان اميد ڪرڻ بدران سنڌو درياھ، پنھنجي حقن لاء ۽ خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن. اصل طاقت پورھيت، ھاري ۽ محنت ڪش عوام آھي. سنڌ جا ماڻھو مصلحتن خاموش ويھڻ ۽ ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن. ناانصافيون بدراشت نہ ڪيو. حق ۽ سچ جو آواز بلند ڪيو. حڪمران ڪمزور آھن. عوام کي خاموشي ڪرپٽ حڪمرانن کي طاقتور بنائي ٿي.اياز لطيف پليجي چيو تہ غريب، پورھيت، ھاري پنھنجي بنيادي حقن لاء ٻڌي ڪن. قومي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿي قومي، انساني ۽ بنيادي حقن جي جدوجھد لاءِ اڳتي اچن. 17 سال ۾ ھڪ نئون نسل جوان ٿي وڃي ٿو. پ پ حڪومت سنڌ کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو آھي. زراعت بدحال ٿي آھي. پاڻي تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن. قومي وسيلا ۽ لکين ايڪڙ زمين تين وال ٿي آھي. ڪا بہ نئين صنعت ۽ نئين يونيورسٽي قائم نہ ٿي آھي. حڪمرانن مان ڪو بيمار ٿئي ٿو تہ اھو سنڌ جي اسپتالن مان علاج ڪرائڻ بدران دبئي، آمريڪا يا ٻين ملڪن ڏانھن علاج لاءِ ڀڄي وڃي ٿو. سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ملندڙ دوائون نقلي آھن. ٽيسٽن جون سھولتون ناھن. اڪثر اسڪولن ۽ ڪاليجن کي حالت بہ بدتر آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ ۾ حڪومت بدران مافياز جو راڄ آھي. منشيات، ڦورو، ڌاڙيل، لينڊ گريبر، نقلي دوائون، نقلي ڀاڻ، نقلي ٻج، کاڌي پيتي جي شين ۾ ڪيميڪل جي ملاوٽ ڪندڙ ۽ ٻي مافيا ايتري طاقتور آھي جو انھن خلاف ڪير بہ ڪارروائي ڪرڻ لاء تيار ناھي. نوڪريون وڪرو ڪندڙ ۽ ڊگريون وڪرو ڪندڙن کي وزيرن جي سرپرستي حاصل آھي. سرڪاري آفيسن ۾ ڪرپٽ مافياز آھي. جيڪو جيترو طاقتور آھي اھو پنھنجي مرضي جا قانون ٺاھي ويٺل آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڌرتي ڌڻين جو تعليم حق: سنڌي ٻولي، تعليم ۽ جديد دور جون ضرورتون
04th Sep 2025
•
سندھ
نعتیہ اشعار دلوں میں عشق مصطفی کا جذبہ پیدا کرتے ہیں، گورنر سندھ
03rd Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي سرسنگيت جو مٺڙو آواز فوزيه سومرو
03rd Sep 2025
•
کھیل
آئی سی سی کی نئی رینکنگ، سکندر رضا نمبر ون آل راؤنڈر بن گئے
04th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڌرتي ڌڻين جو تعليم حق: سنڌي ٻولي، تعليم ۽ جديد دور جون ضرورتون
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
جھمپير جي صحافي جي ڀاءُ جي گهر مان لکين رپين جي چوري
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، سندس معصوم پٽ زخمي
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مظلوم طبقن جي حقن لاءِ ڄمي بيٺا رھو، سنڌ ۽ ملڪ جو عوام اوھان سان گڏ آھي: اياز لطيف پليجو جو سردار اختر مينگل سان فون تي رابطي ۾ اظهار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
سنڌ درياھ
نوان ڪئنال
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے