English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي فيڪٽرين ۾ سنڌي نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا بند هجڻ خلاف جسقم پاران ريلي ڪڍي وئي
306 views
|
19th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي فيڪترين ۾ سنڌي نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا بند، جسقم ملير طرفان قومي شاھراھ کان انڊسٽريل زون تائين احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو، سوين ڪارڪنن ۽ بيروزگار نوجوانن جي شرڪت، روزگار ڏيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا، ٻين صوبن کان ڌارين کي گهرائي فيڪٽرين ۾ نوڪريون ڏنيون پيون وڃن ۽ سنڌي نوجوانن کي برتي بند آهي جو جواز ڄاڻائي واپس ڪيو ٿو وڃي انساني حقن جون تنظيمون ۽ حڪومت نوٽيس وٺي انصاف ڪري اڳواڻ تفصيل موجب ملير جي فيڪترين ۾ سنڌي نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا بند ڪرڻ خلاف جسقم ملير جي صدر مختيار سومرو،حفيظ سنڌي، ساگر سعيد سنڌي، مرڪزي اڳواڻ آڪاش کٽي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ سوين ڪارڪنن ۽ بيروزگار نوجوانن ڪالھ قومي شاھراھ کان مختلف رستن تان مارچ ڪندا مک ڪارخانن وٽ پهتا جتي ڌرڻو هڻي وهي رهيا احتجاج ۾ شريڪ نوجوان تعصب پرستي بند ڪريو روزگار ڏيو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ملير ۾ هزارين فيڪٽرين باوجو تعليم يافته، هنرمند ۽ تجربي ڪار سنڌي نوجوان روزگار لاءِ واجھائي رهيا آهن جڏهن ته ٻين صوبن کان ڌارين کي گهرائي فيڪٽرين ۾ نوڪريون، رهائش ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون پيون وڃن ۽ سنڌي نوجوانن کي برتي بند آهي جو جواز ڄاڻائي فيڪٽرين جي گيٽ تا ئين واپس ڪيو ٿو وڃي هنن انساني حقن جي تنظيمن ۽ سڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فيڪٽري مالڪن کي سنڌي نوجوانن کي به نوڪري ڏيڻ جو پابند بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ سموري سنڌ ۾ احتجاج ڪيو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jul 2026
•
پاکستان
ہائیڈل برگ یونیورسٹی میں "علامہ اقبال چیئر" کی بحالی آخری مرحلے میں داخل ہو چکی ہے: سفیرپاکستان ثقلین سیدہ
21st Jul 2026
•
سندھ
آزاد کشمیر کے انتخابات میں پیپلز پارٹی بھر پور کامیابی حاصل کرے گی، فاطمہ مجید
21st Jul 2026
•
سندھ
کراچی پریس کلب کا سینئر رکن سہیل سانگی کے صاحبزادے کی گمشدگی پر شدید تشویش کا اظہار
21st Jul 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڦل شهر زندگي زهر - مسئلن ۾ ڦاٿل ڦل شهر
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ اُرڙي وگھي ڀاءُ ۽ ڀيڻ فوت، گھر ۾ ڪھرام متل
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
نوشھروفيروز ۾ آغا سجاد ميمڻ جي موبائيل شاپ تي مبينا حملو
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياءَ ۾ پاڻي کوٽ باوجود پلي جي شڪار ۾ اضافو
21st Jul 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر جي ڳوٺن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ خلاف علائقي واسين جو احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
فيڪٽرين
قومي شاھراھ
جسقم
JSQM
0 تبصرے