ملير: واٽر بورڊ جي ملازمن جي بايوميٽرڪ ڪرڻ باجود پگهارن مان ڪٽوتي بابت احتجاجي اجلاس طلب

ملير: واٽر بورڊ جي ملازمن جي بايوميٽرڪ ڪرڻ باجود پگهارن مان ڪٽوتي بابت احتجاجي اجلاس طلب

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) واٽر بورڊ جي ملازمن جي بايوميٽرڪ ڪرڻ باجود پگهارن مان ڪٽوتي، ملازمن جو احتجاجي اجلاس طلب، مظاهرن جو اعلان، واٽر بورڊ انتظاميا آئوٽ ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري انساني حقن جي لتاڙ ڪري رهي آهي، اسان کي ڀت سان لڳايو ويو ته ان جا خراب نتيجا نڪرندا مزدور اڳواڻ امر جليل مگسي تفصيل موجب : واٽر بورڊ جي ملازمن جي بايوميٽرڪ ڪرڻ باجود پگهارن مان ڪٽوتي جو سلسلو جاري آهي جنهن خلاف يونائيٽيڊ ورڪرز يونين طرفان اداري جي اڍنگي رويي خلاف پپري ۾ مزدور اڳواڻ امر جليل مگسي جي صدارت هيٺ اجلاس ڪوٺائي مظاهرن جو اعلان ڪيو آهي ان موقعي تي مزدور اڳواڻ امر جليل مگسي جو چوڻ هو ته واٽر بورڊ انتظاميا آئوٽ ملازمن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري انساني حقن جي لتاڙ ڪري رهي آهي اداري ۾ ملازمن کي سمورين سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي هن چيو ته پورهيتن کان زبردستي اوور ٽائيم ڊيوٽي پڻ ڪرائي وڃي ٿي پر ان جي ادائيگي نٿي ڪئي وڃي جڏهن ته ملازمن جا رهيل بقاياجات پڻ نٿا ڏنا وڃن جنهن ڪري کين سخت ذهني اذيت مان گذرڻو ٿو پوي هن چيو ته جيڪڏهن پورهيتن کي ڀت سان لڳايو ويو ته ان جا خراب نتيجا نڪرندا.