تعليم ئي دنيا جي ڪنهن به طاقت کي هارائي سگهي ٿي: بلاول ڀٽو زرداري

اوهان کي ڏسي مون کي پنهنجو وقت ياد اچي ويو

تعليم ئي دنيا جي ڪنهن به طاقت کي هارائي سگهي ٿي: بلاول ڀٽو زرداري

ڄامشورو؛ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ يونيورسٽي جي ڪانووڪيشن ۾ ڊگريون ماڻيندڙ اميدوارن ۽ سندن والدين کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ڪو وقت هو جڏهن مان به اوهان جيان ڊگري وٺڻ لاءِ ويٺو هئس، اوهان کي ڏسي مون کي پنهنجو وقت ياد اچي ويو آهي، منهنجي امڙ چونڊ مهم ۾ مصروف هجڻ ڪري ڊگري وٺڻ وقت اچي نه سگهي هئي پر مون کي ڊگري وٺڻ دوران تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي هئي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته هتان ڪامياب ٿيڻ کانپوءِ نوجوان پنهنجي زندگي جي نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن، اميد ڪجي ٿي ته هو پنهنجي فيلڊ ۾ پاڻ مڃائيندا، ڇاڪاڻ ته تعليم ئي دنيا جي ڪنهن به طاقت کي هارائي سگهي ٿي، زندگي ۾ ڪابه شئي وڃائي سگهجي ٿي پر اوهان تعليم نٿا وڃائي سگهو. هن چيو ته جيئن اوهان محنت ڪري تعليم حاصل ڪئي ۽ ڊگريون ماڻيون، ان ئي نموني سان عملي زندگي ۾ ملڪ جي خدمت ڪرڻي آهي، ڇاڪاڻ ته اوهان ملڪ جو مستقبل آهيو، نوجوان ملڪ جي اڪثريت آهن، جن وٽ ملڪ جو مستقبل آهي، ملڪ جي معاشي ترقي ۾ به نوجوانن جو اهم ڪردار آهي، اسان کي پنهنجي وڏڙن جيان مسئلن جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ بهتر مستقبل جو بندوبست ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪ سميت سڄي دنيا ۾ موسمي تبديلي وڏو مسئلو آهي، جيڪو ايندڙ نسل لاءِ به وڏو خطرناڪ ثابت ٿيندو، ڪجهه وقت اڳ ۾ ٻوڏ آئي هئي ۽ روز جي بنياد تي ان حوالي سان مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، جن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان سوڌو سڄي دنيا به تيار ناهي، جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان کي تيار رهڻو پوندو. هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي جي ضرورت آهي، جڏهن ته ان لاءِ گلگت بلتستان کان ويندي سنڌ تائين سمورن ماڻهن کي تيار رهڻو پوندو. هن چيو ته قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪو نظام جوڙيو وڃي ان تي ڌيان ڏنو وڃي، هن وقت جيڪو پاڻي جي صورتحال آهي ان تي سوچيو وڃي، ان مان پيدا ٿيندڙ مسئلن طرف به ڏٺو وڃي، پوءِ 6 کان 7 نوان ڪئنال ٺاهڻ وارو فيصلو ڪيو وڃي، بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ پراڻا طريقا اختيار ڪيا پيا وڃن، مهانگي اگهه تي ٻاهريان بجلي گهرائي پئي وڃي، چون ٿا ته لاهور ۾ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وئي آهي، پر جڏهن اهي ڄامشورو، لاڙڪاڻو، حيدرآباد طرف اچن ته کين ڏيکاريون ته اسان وٽ اڃا لوڊشيڊنگ آهي، موسمي تبديلين جي حوالي سان به اهو تمام وڏو مذاق آهي جو اهي چون ٿا ته سولر يا ڪوئلي تي بجلي پيدا نه ڪريو ڇاڪاڻ ته اسان ٻاهريان مهانگي اگهه تي بجلي خريد ڪري رهيا آهيون، ان لاءِ اوهانکي به اسان سان گڏ ويهي ملڪ جي مستقبل، پاليسي، سياست ۽ فيصلن بابت سوچڻو پوندو، ان کانپوءِ فرق محسوس ٿيندو. هن چيو ته اسان معدني وسيلن سان مالا مال آهيون، ڪوئلي جو وڏو ذخيرو موجود آهي، سنڌ ۾ سج جي به کوٽ ناهي، جهمپير ۾ ونڊ پاور تي بجلي پيدا ٿي رهي آهي، اسان ته سڄي ملڪ کي گهٽ اگهه تي بجلي ڏئي سگهون ٿا ۽ لوڊشيڊنگ جو به خاتمو آڻي سگهون ٿا ۽ ان سان گڏ موسمي تببيلين جو مقابلو ڪري سگهون ٿا ۽ اوهان سان گڏجي ئي ان اشو کي اٿاري سگهون ٿا، اهو قدم ملڪ ۽ ايندڙ نسل لاءِ انتهائي اهم آهي.

ڄامشورو: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته مون کي خوشي ٿي رهي آهي جو منهنجي تڪ جي ٻن نياڻين پوزيشن ماڻي آهي، جن پ پ چيئرمين کان ميڊلز ورتا آهن، جن جي والدين کي مبارڪباد پيش ڪجي ٿي. هن چيو ته ڪانووڪيشن ۾ ڊگريون وٺندڙ اميدوارن ۽ اسڪالرن کي مبارڪون آهن، اميد ته هو پنهنجي فيلڊ ۾ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندا. هن چيو ته دنيا ۾ ڪابه شي ممڪن ناهي، رڳو محنت جي ضرورت آهي، ناڪامي کي هارائڻ لاءِ پاڻ کي مضبوط بڻائي اڳتي وڌڻ گهرجي.

ڄامشورو: پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ يونيورسٽي پهچي 2.45 ميگاواٽ جي سولر سسٽم واري منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ هن مادر علمي جي ڌرتي تي نم جو وڻ لڳائي سنڌ يونيورسٽي جي تعليمي ڪانووڪيشن ۾ شريڪ ٿي پي ايڇ ڊي، ايم فل، ماسٽرس ۽ بيچلرز ڊگري پروگرام جي سال 2019ع کان سال 2023ع تائين جي 674 اميدوارن ۾ ميڊلز ۽ ڊگريون ورهايون. ٻن ڏينهن وارو تعليمي ڪانووڪيشن شهيد بينظير ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيو ڪانووڪيشن جي پهرين ڏينهن تي مهمان خاص پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 674 شاگردن ۽ اسڪالرن کي ڊگريون ڏنيون. ڊگري حاصل ڪندڙن ۾ 374 بيچلرز، 50 ماسٽرز، 114 ايم فل ۽ 134 پي ايڇ ڊي جا اميدوار شامل هئا.

ڄامشورو : ڪانووڪيشن جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا، پوليس توڙي رينجرز جي وڏي نفري مختلف رستن تي مقرر ڪئي وئي هئي، سنڌ يونيورسٽي طرف ايندڙ سمورن رستن کي عام ماڻهن جي اچ وڃ لاءِ بند ڪيو ويو هو، ڊگريون حاصل ڪرڻ لاءِ ايندڙ اميدوارن جا سمورا گهربل ڪاغذ چيڪ ڪرڻ کانپوءِ کين ڪانووڪيشن واري سينٽر طرف ڇڏيو پئي ويو. . واضح رهي ته ڪانووڪيشن جي ٻئي ڏينهن سڀاڻي 24 ڊسمبر تي باقي بيچز 2021، 2022 ۽ 2023 جا بيچلرز ۽ ماسٽرز ڊگري پروگرام جا اميدوار پنهنجون ڊگريون حاصل ڪندا.

ڄامشورو : ڪانووڪيشن واري تقريب ۾ سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ، ايم اين اي ملڪ اسد سڪندر، صوبائي وزير ڄام خان شورو، تعليم وارو صوبائي وزير سيد سردار شاهه، ثقافت وارو وزير ذوالفقار شاھ، حنا دستگير، ماروي راشد، عاجز ڌامراهه، ڊاڪٽر سڪندر شورو، ملڪ سڪندر، اسماعيل راهو ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا، ڪانووڪيشن جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا.