ملير۾ سال جي آخري سج کان موڪلاڻي واري سُرمئي شام جي تقريب جون تياريون مڪمل

ملير۾ سال جي آخري سج کان موڪلاڻي واري سُرمئي شام جي تقريب جون تياريون مڪمل

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي پريس ڪلب ملير طرفان پاڪستان فشر فوڪ فورم جي سهڪار سال جي آخري سج کان موڪلاڻي واري سُرمئي شام جي تقريب جون تياريون مڪمل، سمنڊ ڪناري فني دنيا جي بادشاھ اُستاد عبدالله بي متيو جي ياد ۾ تقريب ڪئي ويندي، ناليوارا فنڪار، اداڪار ۽ سياسي، سماجي اڳواڻ سُرمئي شام کي خطاب ڪندا تفصيل موجب : عوامي پريس ڪلب ملير طرفان هر سال جيئان هن سال به پاڪستان فشر فوڪ فورم جي سهڪار سان سال جي آخري سج کان موڪلاڻي ۽ ملير واسين جي سُرمئي شام واري تقريب ابراهيم حيدري جي ملهه جيٽي تي فني دنيا جي بي تاج بادشاهه اُستاد عبدالله بي متيو جي ياد ۾ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ تياري ڪميٽي جي اڳواڻن ايوب شان، مشتاق بابو، شهنشاهه چارڻ ۽ ٻين ٻڌايو آهي ته 31 ڊسمبر اڱاري جي ڏينهن منجهند 2 وڳي اُستاد عبدالله بي متيو جي آخري آرام گاهه تي حاضري ڀرڻ بعد 3 وڳي تقريب جو باضابطه آغاز ٿيندو جنهن ۾ سنڌ جا ناليوارا فنڪار، اداڪار، هدايتڪار، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ اُستاد جا ويجها ساٿي مجيد موٽاڻي، سيد خدا ڏنو شاھ، جان عالم ڄاموٽ، سعيد بلوچ، فاطمه مجيد، جاويد مهر، يونس خاصخيلي، سليم جي ميمڻ ۽ ٻيا پڻ خطاب ڪندا تقريب جي آخر ۾ قطار ٺاهي گلن جي ڀيٽا پيش ڪري آخري سج کان موڪلائي نئي سال جي پُرعزم آجيان ڪئي ويندي ۽ سنڌ ملير جي خوشحالي لاءِ دعائون ڪيون وينديون ياد رهي ته اُستاد عبدالله بي متيو ابراهيم حيدري جو نامور اداڪار، هدايتڪار، فلمساز، شاعر ۽ پينٽر هو جنهن "گهاتو گهر نه آيا" سميت چار فلمون تيار ڪري جڳ مشهوري ماڻي.