شڪارپور بچايو تحريڪ جو چيئرمين الاھي بخش شيخ جي صدارت ۾ اجلاس

شڪارپور بچايو تحريڪ جو چيئرمين الاھي بخش شيخ جي صدارت ۾ اجلاس

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور بچايو تحريڪ جو اجلاس چيئرمين الاھي بخش شيخ جي صدارت ۾ دادوائي لڳ مدرسه زين العلوم قادريہ شڪارپور ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ جنرل سيڪريٽري عبدالوهاب ڪاغذي جوائنٽ سيڪريٽري علامه صاحبزاده فضل الله نوراني پريس سيڪريٽري عبدالغفور دايو فنانس سيڪريٽري پروفيسر پرڪاش لال اڳوڻو چيئرمين واري مجيب الرحمان مدني اڳوڻو وائيس چيئرمين علامه مسعود احمد قادري ڪامريڊ احسان جيھو علامہ مشتاق احمد سھندڙو علامه مولانا عبدالفتاح مھر پاران شرڪت ڪئي وئي جتي سال 2025 لا اتحاد جي نئين باڊي جي اليڪشن جي تاريخ 31 ڊسمبر مقرر ڪئي وئي اليڪشن وينيو سينيئر ميمبر ڏاڏو ظاھر سومرو جي جڳھ تي اڱاري ڏينھن شام جو ڇھين بجي ڪرائي ويندي جڏھن ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ٽن ميمبرن جي ميمبرشپ مڪمل ختم ڪئي وئي ته ساڳي وقت لاڳيتو غير حاضر ميمبرن کي اليڪشن ۾ ووٽ ڏيڻ جو حق ختم ڪيو ويو آخر ۾ اليڪشن لاء ووٽ ڏيندڙ ميمبرن جي حتمي لسٽ جاري ڪئي وئي جيڪا لسٽ اليڪشن چيئرمين علامه مسعود احمد قادري جي حوالي ڪئي وئي