ملير: قائدآباد ۾ گهر ۾ مبينا يرغمال بڻيل ناري بازياب، وارثن تي مٿو ڪوڙي تشدد ڪرڻ جو الزام

ملير: قائدآباد ۾ گهر ۾ مبينا يرغمال بڻيل ناري بازياب، وارثن تي مٿو ڪوڙي تشدد ڪرڻ جو الزام

ملير (درياخان شر ) قائدآباد ٿاڻي جي حد ۾ ناري جو مٿو ڪوڙي تشدد بعد گهر اندر بند ، ناري جي وڪيل جو قائدآباد پوليس کي اطلاع ، پوليس ڇاپو هنڻي ناري ناز فاطمہ کي بازياب ڪرائي ورتو ، منهنجي پيء زبردستي قيد ڪري تشدد نشانو بڻائي ٻڌي ڇڏيو ۔ناز فاطمہ ، بازياب ناري ڊائو ميڊيڪل اسپتال ۾ نرس آھي، متاثر ناري پنهنجي وڪيل سان رابطو ڪري آگاهي ڏني وڪيل جي اطلاع تي پوليس ڇاپو هنيو ملير پوليس تفصيل موجب قائدآباد ٿاڻي جي حد ۾ ناري جو مٿو ڪوڙي تشدد بعد گهر اندر بند ، ناري جي وڪيل جو قائدآباد پوليس کي اطلاع ، پوليس ڇاپو هنڻي ناري ناز فاطمہ کي بازياب ڪرائي ورتو آھي متاثر ناري ناز فاطمه کي مبينا طور پيء تشدد بعد قيد ڪري رکيو هيو ناري کي قيد ڪري ۽ مٿي جا وار ڪوڙڻڻ جي الزام هيٺ پنج ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آھي جوابدار ۾ مغوي جي ڏاڏي ، ماء ، چاچو ۽ پاڙي واري شامل آھن متاثر ناري فاطمه جو چوڻ آھي منهنجي ماء کي ڪجھ مهينا اڳ پيء طلاق ڏئي ڇڏي هئي جنهن بعد الڳ رهندا هئاسين منهنجو پيء اسان وٽ گهر اچي تشدد ڪندو هيو ۽ ڌمڪائيندو هيو ماء ٻن ڀيڻن زور رکيو ته واپس اچو اسان جي انڪار ڪرڻ تي ڌمڪائيندو رهندو هيو ، پيء سان گڏ رهڻ نٿي چاهيانمنهنجي مٿان پيء تشدد ڪري مٿي جا وار ڪتري ٻاندهي بڻائي قيد ڪري ڇڏيو پوليس اچي بازياب ڪرايو آھي انصاف ڏنو وڃي قائدآباد پوليس متاثر ناري ناز فاطمه جي مدعيت ۾ قائدآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي