سنڌ سونهاري ۾ بي انداز خوبصورت صلاحيتن جا هزارين، لکين ۽ ڪروڙين درويش صفتن سان ڀرپور هيرا پيدا ٿيندا رهيا آهن، سنڌ جي هر پاسي سنڌ جي زرخيز سرزمين ۾ اهي ماڻڪ موتي هيرا پيدا ٿيا آهن جنهن جو ڪو اندازو به نٿو ڪري سگهي، هيءَ سنڌ ڌرتي الله وارن ڪامل اڪمل هستين جو ماڳ مڪان رهڻ ڪري هميشه پيار و محبت، امن ۽ سلامتي ۽ ڀائيچاري جو صوفياڻو درس ڏيندي رهي آهي، جن پنهنجي توڙي پرائي کي خوفِ خدا ۽ عشق مصطفيٰ ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ستي ۽ درس ڏيندي لکين ڪروڙين ماڻهن کي راهه خدا جي رستي تي گامزن ڪرڻ ۾ ڪوششون ڪيون ويون آهن، انهن بزرگ ڪامل هستين ۾ سنڌ جي عظيم درگاهن ۾ روزي ڌڻي بادشاهه، درگاهه مخدوم نوح هالا وارا، درگاهه مخدوم کھڙا شريف، درگاهه لواري شريف، درگاهه گمبٽ شريف، درگاهه حسين آباد سميت خواجه خواجگان حضرت محمد عبدالغفار المعروف پير مٺا سائين رحمت الله تعاليٰ عليه، حضرت قبله عالم سائين محمد قاسم مشوري رحمت الله عليه ۽ سنڌ ۾ اهڙيون ٻيون اڻ ڳڻيون بزرگان دين جون درگاهون خانقاهون آهن جتان اسم اعظم ( الله ) جي ضرب جي تنوار گونجندي رهي ٿي ۽ انهن درگاهن خانقاهن وٽان اڄ به وڏي جوش خروش سان پنهنجن وڏڙن جي ڏسيل واٽ راهه مطابق نيڪيءَ جي دعوت جو دستور پابنديءَ سان جاري و ساري آهي. انهيءَ الله وارن جي ڏسيل راهه ۾ سنڌ جي ناليواري مشهور حڪمت جي گهراڻي سان سلهاڙيل وابسته عظيم شخصيت سائين حڪيم محمد مراد صديقي رحمت الله عليه پنهنجي حوصلي ۽ پختگيءَ سان اهڙو ته دامن ورتو جو هو انهيءَ راهه خدا عزوجل تي دائم قائم رهندي پنهنجي زندگيءَ جي آخري پساهن تائين صراط مستقيم تي برقرار رهندي ماڻهن ۾ شعور اجاگر ڪري ويا، هو بذات خود هڪ صوفي منشا درويش انسان هيو جنهن ڪري لاڙڪاڻي جو اڪثريتي عوام انهي کي درويشاڻي صفتن جي ڪري خاموش طبع تمام گهٽ ڳالهائيندي ڏٺو ويندو هيو پر حڪمت انساني ڀلائي خير و برڪت واسطي ديني حوالي سان قرآن و حديث مبارڪ جي حوالن سان سمجهاڻي نيڪيء جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪندا رهيا، سنڌ جي ناليواري مشهور حڪيم محمد مراد صديقي جو جنم والد حڪيم محمد صديق شيخ جي گهر ۾ 15 جنوري 1947ع لاڙڪاڻو م ٿيو، پاڻ ننڍپڻ کان ئي پنجگانہ نماز، روزي، عبادات ۽ رياضت جا پابند هئا ۽ صديقي صاحب هميشه اولياء ﷲ جي محبت عشق ۾ پنھنجي پير و مرشد سيدنا غوث اعظم دستگير حضرت عبدالقادر جيلاني محبوب سبحاني رحمت الله عليه جي اولاد گمبٽ واري سهڻي سائين سيد غلام المرتضي شاهه جيلاني رحمت الله عليه جي محبت ۾ مستغرق ۽ فنا هوندا هئا، هو شروعاتي دور ۾ نوجواني دروان ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي عوامي سياست کان متاثر ٿي ڪري پ پ پ جي يونين ڪائونسل ۾ ميمبر طور خدمتون سرانجام ڏنيون. هن کي حڪمت ۾ لاڙڪاڻي ضلع سطح تي عهديدار پڻ چونڊيو ويو ۽ پنسار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو ڊويزن تي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي، جنهن ڪري لاڙڪاڻو ڊويزن جي پهرين ڪمشنر قلي بخش ڪي بي رند صاحب هن کي اسپيشل طور تي اعزاز ڏيڻ لاءِ دعوت ڏني هئي. سائين محمد مراد صديقي کي اهلسنت جي نمائنده ذيلي تنظيم بزم رضا لاڙڪاڻو ۾ پڻ عهديدار طور اعزاز بخشيو ويو. جڏهن ته لاڙڪاڻو جي شيخ برادري ويلفيئر ايسوسيئيشن ۽ فيڊريشن پڻ اعزاز بخشيو پر سائين محمد مراد صديقي ديني سوچ خيالات رکڻ ڪري اڪثر ڪري موجوده سياسي ماحول کان پري رهڻ ڪري لالچ، لوڀ ۽ ڪوڙ ٺڳي ڀري سياست کي پوء لوخير آباد ڪري هميشه جي لاءِ آخرت واري راهه طرف گامزن ٿيندو ڏٺو ويو. هونئن به صديقي صاحب جو حڪمت دانش عام ماڻهو کي ڪهڙي به طرح فائدو ڏيڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ وارو جذبو قابل قدر رهيو. حڪيم حاجي محمد مراد صديقي جو پيڙهي به پيڙهي کان حڪمت سان تعلق رهيو آهي، جنھن ۾ هو پاڻ خود سائين محمد مراد صديقي سندن جو والد سائين محمد صديق ، ڏاڏو سائين حڪيم حاجي جان محمد ، پڙ ڏاڏو سائين حڪيم غلام المرتضي آهن. ( هي سنڌ بلڪ پاڪستان جي مڃيل حڪمت نبض شناس چوٽي جا حڪمت جا بادشاهه طور ڄاتا سڃاتا ويندا هئا. حڪمت جي لازوال خدمتن جي مڃتا طور حڪيم محمد مراد صديقي صاحب کي ملڪ جي اڳوڻي صدر ايوب خان سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنو هيو)،
هو پري پري کان آيل لاعلاج ماڻهن جو علاج ڪري مثال قائم ڪري ويا. جڏهن ته حڪيم سائين محمد مراد صديقي جي اولاد ۾ سنڌ جي مڃيل حڪيم طور سندن جو وڏو فرزند حڪيم ذوالفقار علي صديقي ۽ هن جي ڀائرن ۾ حڪيم سڪندر علي صديقي، حڪيم شوڪت علي صديقي، حڪيم وحيد علي صديقي، حڪيم علي رضا صديقي هي پنج ئي حڪمت ۾ لاڙڪاڻي سميت سنڌ جي عوام مارو ماڻهن جي خدمت ڪري رهيا آهن. جڏهن ته باقي سائين جي ٻين ٽن پٽن صفدر علي صديقي، محمد علي صديقي ۽ محمد رضا صديقي پڻ ڪاروبار ڪري رهيا آهن. حڪيم محمد مراد صديقي کي 8 پٽن ۽ ٽي نياڻين جي اولاد آهي. هو پاڻ سچو پڪو عاشق رسول صلي الله عليه وسلم، متقي، پرهيزگار، صوم صلوات جو پابند هيو. هن جي پنهنجي مرشد مربي گمبٽ واري سائين سيد غلام المرتضي شاهه جيلاني رحمت الله عليه سان والهانه محبت هوندي هئي، هو اڪثر لاڙڪاڻي ۾ رهيو پر ڪجهه وقت جي لاء جيڪڏهن ڪراچيءَ گرمين ۽ لاڙڪاڻي شهر ۾ غير اعلانيل لوڊشيڊنگ سبب پنهنجي گهر ڪراچي ويندو هو ته جڏهن به مرشد سائين جيلاني بزرگ جن جو ڪو موقعو عرس وغيره هوندو هو ته ڪوشش ڪري گمبٽ ۾ عقيدت ڀري حاضري ڀريندا هئا، تازو ئي گمبٽ وارن سائينء جن جو شايد قبله عالم سائين سيد عبدالفتاح موريل شاهه رحمت الله عليه جن جو عرس هيو ان لاءِ به ڪراچي کان لاڙڪاڻي پهتل هئا. سائين محمد مراد صديقي صاحب سان ڪچهري ٿي پاڻ وڏا رفيق سٻاجھڙي طبيعت جا مالڪ ۽ دستر خوان، مهمان نوازي ۾ پنھنجو مٽ پاڻ هئا. هنن مٿان پنهنجي مرشد سائين جي نگاهه خاص هئي
جو انهيءَ جي قلب جي ڪيفيت ئي دنيا بجاءِ آخرت ڏانهن مائل ٿي وئي، هيءُ مرد مجاهد هڪ پاسي درگاهه گمبٽ شريف ۽ ٻيو ڪامل ولي بزرگ هستي قبله سائين حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري دامت برڪاتهم العاليه ۽ دعوت اسلامي جي مدني ماحول سان ڏاڍي محبت ڪندا هئا ايتري قدر جو سائين محمد مراد صديقي صاحب رمضان شريف جي ڀلاري نيڪين واري مهيني ۾ پوئين ڏهاڪي سنت اعتڪاف ۾ ته دعوت اسلامي جي عالمي مدني مرڪز فيضان مدينه ۾ عبادت ذوق شوق يڪسوئي ۾ ڪرڻ لاءِ ويهندا هئا پر ڪجهه سالن کان پوري مهيني جو رمضان المبارڪ ۾ 30 ڏينهن جي نفلي اعتڪاف ۾ پڻ فيضان مدينه ڪراچي ۾ ويهندا هئا . حڪيم محمد مراد صديقي جن دعوت اسلامي جي لاڙڪاڻي جي عاشقان رسول ﷺ سان ڪراچي جي ڪڪري گرائونڊ، حيدرآباد جي باغ مصطفي گرائونڊ توڙي انهن دعوت اسلامي جي ملڪ گير مدينه اولياء ملتان شريف جي اجتماعات ۾ علامہ مولانا حاجي سائين عبدالحنان قادري نقشبندي رحمت الله عليه، دعوت اسلامي لاڙڪاڻو جو پراڻو مبلغ اسلام ۽ هاڻوڪو دعوت اسلامي جو مرڪزي مجلس شوري جو رڪن انجنيئر سائين برڪت علي عطاري، سائين پروفيسر محمد اسحاق عطاري ۽ مفتي اعظم سنڌ مفتي الله ڏنو جماراڻي رحمت ﷲ عليه جن سان گڏجي درود و سلام پڙهندي اسپيشل ڪوچز ذريعي هلو هلو ملتان هلو لاءِ اڳيان اڳيان صف اول تيار هوندا هئا. سائين صديقي صاحب شايد 30 سال اڳ لاڙڪاڻي شهر جي ڪوثر مل محلي جي جامع حيدري باب الجنت مسجد ۾ دعوت اسلامي جي اسلامي ڀائرن سان گڏ انهن ۾ هي سنگت ته هئي پر سيد زاهد علي شاهه جيلس بازار وارو ۽ ٻيو پراڻو عاشق رسول محبتي دوست سيد محمد مبين شاهه عطاري، عبدالحفيظ عطاري پڻ هئا مدني قافلي ۾ درس و بيان ٿيو ۽ ان بعد صديقي صاحب پاڻ اسلامي جذبي شوق ذوق سبب اهو بابرڪت اسٽيڪر جنهن تي لکيل هيو، صديق ڪا، فاروق ڪا، صدقه ملي عثمان ڪا، مولا علي ڪي واسطي مين ديکهه لون روضہ تيرا، دري تي لڳايو. يعني سائين محمد مراد صديقي صاحب کي ڪيڏو جنون جي حد تائين دين اسلام سان عشق و محبت جو جذبو هيو. پاڻ هميشه عمامو شريف عربن جو تاج پٽڪو سائو ۽ سفيد پائيندا هئا ۽ ناسي چادر پاتل هوندي هئي، نوراني نور چمڪندڙ چهرو عبادات رياضت تهجد گذار هجڻ ۽ مڪي مديني شريف جون زيارتون سعادتون حاصل ڪرڻ سان گڏ هميشه سڀ جي خير جا خواهش مند، ڪنهن سان به اڙي يا ڪاوڙ غصي ۾ ڳالهائيندي نه ڏٺوسين هميشه مسڪرائڻ ٻين ننڍن تي شفقت ڪرڻ ۽ وڏڙن جو احترام ڪرڻ زندگي جي معاملات ۾ شامل هيو، مٽن مائٽن، رشتيدارن، عزيزن سان قرب محبت ۾ پيش اچڻ،
پاڻ دعوت اسلامي جي مدني قافلن م راهه خدا عزوجل ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪندي شهرن علائقن جا دورا به ڪيا. پاڻ اتي دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ درس و بيان به ڪندا رهيا ۽ نوجوانن پڪن پوڙهن سڀني کي اسلامي طرز زندگيءَ گذارڻ لاءِ تلقين بار بار ڪندا رهندا هئا ۽ چوندا هئا ته هي زندگي تمام مختصر آهي. الله پاڪ جي عبادت بندگي ڪري آخرت جو ثمر ٺاهيو ڇاڪاڻ ته هي زندگي فنا ٿيڻي آهي ۽ بقا واري زندگي ڏانهن هلڻو آهي. پاڻ دعوت اسلامي لاڙڪاڻو جي بزرگن مان هڪ اهڙا سچا پڪا عاشق رسول هيا جو هنن جي صحبت ڪچهري ۾ ويهي خوب ديني معلومات ملندي رهندي هئي. سائين محمد مراد صديقي صاحب جو دعوت اسلامي جي باني و امير اهلسنت حضرت علامہ مولانا محمد الیاس عطار قادري دامت برڪاتهم العاليه سان وڏي محبت عشق جي حد تائين عقيدت ڀريو تعلق هيو، ان لاءِ دعوت اسلامي سان آخري عمر تائين وفادار رهيا ۽ سندن جي اولاد جي اولاد ۽ وري اولاد پٽ پوٽا پڙ پوٽا به عطاري، عطاري نسل در نسل عطاري رضوي قادريه جي سعادت سان مستفيض ۽ اعزاز عظيم کان سرفراز بڻجي ويا. اها الله پاڪ جي عظيم تر نعمت عظمه آهي جو ولي ڪامل پير و مرشد امير اهلسنت حضرت علامہ مولانا محمد الیاس عطار قادري دامت برڪاتهم العاليه سان پاڪيزه نسبت جڙيل آهي. ان شاء الله قادري نسبت مولا علي مشڪل ڪشا شير خدا ڪرم الله وجهه الڪريم جي صدقي مهابي واسطي دنيا و آخرت ۾ ڪاميابي جو ذريعو بڻجندي. الحمد لله ! هونئن به پنهنجي دعوت اسلامي جي مدني ماحول ۾ جيڪا لولي ۽ ٻولي ملي ٿي اها مدينه، مدينه ۽ اٿندي ويهندي، گهمندي ڦرندي درود و سلام الصلوات والسلام عليک يا سيدي يا رسول ﷲ ﷺ ، وعلي آلک و اصحابک يا محمد نور من نور ﷲ ﷺ وڏي خوشخبري ملندي رهي ٿي. انهي تي الله پاڪ جو شڪر بجا آڻيون ٿا،سائين محمد مراد صديقي چوندا هئا ته دعوت اسلاميءَ جو نئون نئون دور هيو شروعاتي ڏهاڙا هيا انهيءَ دور ۾ دعوت اسلاميءَ جي باني و امير، امير اهلسنت حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي دامت برڪاتهم العاليه جن دعوت اسلاميءَ پاران منعقد ٿيندڙ هر جمعرات واري هفته وار سنتن ڀريل اجتماع جامع مسجد گلزار حبيب سولجر بازار جي دعوت ڏني جتي وياسين، اتي ملڪ جي ناليواري عالم دين علامه مولانا حضرت شفيع محمد اوڪاڙوي رحمت الله عليه خطيب هيا ۽ هاڻي سندن جو صاحبزادو ملڪ جو چوٽي جو عالم دين سائين علامه ڪوڪب اوڪاڙوي صاحب آهن. پوءِ جڏهن مان گلزار حبيب مسجد ۾ دعوت اسلامي جي هفتيوار اجتماع ۾ پهتيس ته ڏسندي حيرت ٿي ته هيءَ ڪراچي آهي يا ڪو ٻيو عام ننڍو شهر ۽ ڳوٺ آهي.
جو بزرگ سائين محمد الياس عطار قادري دامت برڪاتهم عاليه ڪراچي جي نوجوانن کي پنهنجي درد و عالم سان ڀرپور بيان ۽ دعاءَ انداز سان ” اهڙو ته عشق رسول الله صلي الله عليه وسلم جي نعمت ۾ آڻڻ لاءِ نوجوانن مان فرنگي تهذيب بجاءِ انهن کي محبت رسول الله صلي الله عليه وسلم ۾ مست ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا جو ڪراچي ۾ نوجوانن کان پنهنجي هستي وسري وڃي ٿي ۽ هو مست ٿي مديني واري شهنشاهه صلي الله عليه وسلم ۾ فنا ٿي وڃن ٿا. اهڙي طرح پوءِ پنهنجي درد مدينه واري ڪيفيت ۽ عالم کي نگر نگر ۾ عشق رسول الله صلي الله عليه وسلم کي عام ڪرڻ ۽ ڦهلائڻ لاءِ دعوت اسلامي جي باني و امير حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادريءَ ڏانهن لاڙڪاڻي مان هر موقعي تي مختلف موقعن عيد ۽ اجتماعات وغيره سميت سڀني عاشقان رسول صلي الله عليه وسلم کي لاڙڪاڻي کان وڏن قافلن جي صورت ۾ شهيد مسجد کارا در ڏانهن پنڌ ٿيڻ لڳا ۽ ملتان شريف جي 3 روزه سنتن ڀريل اجتماع ۾ شرڪت لاءِ ڪاوشون رهيون ۽ جيڪو به لاڙڪاڻي سميت انهيءَ جي ڀر وارن علائقن ۾ دعوت اسلاميءَ جو سنت سان ڀرپور منظر آهي انهي ۾ صديقي صاحب جو پڻ وڏو ۽ اهم ترين ڪردار رهيو. پاڻ عالم اسلام جي ناياب ترين حديثن سنتن سان ڀرپور اسلامي ڪتاب ۽ دعوت اسلاميءَ جي درسي ڪتاب ” فيضان سنت“ مان پڻ درس ڏيندا هيا. انھي کان اڳ عالم اسلام جي عظيم ڪتاب مڪاشفته القلوب، ڪيمياء سعادت مان درس ڏنو ويندو هيو.
سائين محمد مراد صديقي صاحب جي صحبت ۾ رهندڙ اڪثر ماڻهو عشق رسول صلي الله عليه وسلم جي نعمت سان ڀرپور بڻجي ويا، جيڪي الله جي وحدانيت ۽ محبوب مصطفي صلي الله عليه وسلم جي عشق و مستيءَ ۾ مست بڻجي دنيا کي طلاق ڏيئي ڇڏيائون ۽ انهن جو اهڙي مرد مجاهد جي صحبت ۾ ويهڻ سان ڪافي اسرار، رمز ۽ مهربانيون ٿيڻ لڳيون، اڄ به سندن جي وڏي فرزند سائين حڪيم ذوالفقار علي صديقي، حڪيم علي رضا صديقي جن وٽ عشاقان رسول ﷺ لاءِ ساڳئي طرح نيڪي جي دعوت جو عمل جاري آهي ۽ سندن جي اولاد ڏسيل راهه واٽ تي قائم رهندي درس و تدريس جو معمول هلائي رهيا آهن ۽ دعوت اسلامي لاڙڪاڻي جا عاشاقان رسول صلي الله عليه وسلم هن جي سٺن لفظن ۾ ياد ڪندي گذارين ٿا ۽ الله تعاليٰ، انجي پياري حبيب ڪريم صلي الله عليه وسلم ، مرشدن ڪريمن بعد انهي عظيم انسان دوست سائين حڪيم محمد مراد صديقي رحمت الله تعاليٰ عليه جو ذڪر ڪندي خوشي محسوس ڪندا رهن ٿا. شال رب ڪريم عزوجل، شهنشاهه دو جهان خاتم النبيين حضور سراپا نور صلي الله عليه وسلم ، پنجتن پاڪ، چار يار، شهداءِ ڪربلا ، حضور غوث اعظم حضرت سيدنا عبدالقادر جيلاني محبوب سبحاني رحمت الله عليه ، صالحين، ڪاملين جي صدقي ۾ سندن جا درجات بلند ڪري ۽ اعليٰ مقام عطا فرماءِ آمين ثم آمين. يا رب العالمين عزوجل يا مجيب يا مجيب يا مجيب.
0 تبصرے