محمد عارف لاکاني مورو ڀرسان اکين جي مفت طبي ڪيمپ جو دورو ڪيو
مورو (جاني جماڻي)سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ پاران هتي غريب ماڻهن جي مفت اعلاج لاء اسپتال قائم ڪئي ويندي اهڙو خيالن جو اظهار سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ ڪراچي مرڪز جي اڳواڻ محمد عارف لاکاني مورو ڀرسان چوٿين ميل نيشنل هاءِ وي ايمان پيٽرول پمپ تي سماجي شخصيت حاجي خالد حسین ٻگھيو سان گڏ مفت اکين جي ڪئمپ جي وزٽ دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته هتي سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ پاران مفت اسپتال قائم ڪري ڪراچي جا ماهر ڊاڪٽر هتي گهرائي غريب بي سهارا ماڻهن کي 12 ئي مهينا مڪمل صحت جون سهولتون مهيا ڪرڻ جو اعلان ڪيان ٿو ۽ هتي قائم ٿيل حاجي خالد حسین ٻگھيو جو بنگلو اسپتال کي ڏئي ڇڏيو آهي هن چيو ته هتي ٻن ڏينهن واري مفت اکين جي ڪئمپ ۾ 500 کان مٿي غريب ماڻهن جو اکين جو آپريشن ڪري لينس لڳايا ويا آهن ۽ 400 ماڻهن کي مفت نظر چشما ۽ ٻڙا ڏنا ويا آهن ۽ ان کان علاوه ڪجهه عرصو اڳ به اکين جي مفت ڪئمپ لڳائي چڪا آهيون جنهن ۾ سوين غريب ماڻهن کي فائدو رسايو ويو آهي ۽ هتي هر روز دستر خوان لڳي ٿو ۽ غريب ماڻهن ٻارن کي کاڌو کارايو ويندو آهي ۽ غريب ماڻهن کي سردي جو گرم لباس پڻ ڏنو ويو آهي ۽ هاڻي هتي مفت اسپتال قائم ڪئي ويندي جنهن م غريب ماڻهن کي مفت اعلاج ڪري مفت دوائون ڏنيون وينديون هن چيو ته غريب ماڻهن جي بهتري ڀلائي لاءِ سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ طرفان خدمت جو سلسلو جاري رهندو انسان دوست سماجي شخصيت حاجي خالد حسین ٻگھيو کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو جيڪو ڀرپور طريقي سان وڏي پئماني تي هر طرح جي غريب ماڻهن جي ڀلائي بهتري لاءِ مدد ڪري رهيو آهي ۽ سندن جي ڪوششن سان سيلاني ويلفيئر ٽرسٽ هتي قائم ٿي آهي.
0 تبصرے