ڪنور ڪرني سنگهه سوڍو حبيب الله سميجو، سڪندر سميجو ۽ ليمون ڀيل جي وارثن وٽ پهتو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)عمرڪوٽ جي علائقي کوکراپار لڳ منهندرو جي پار ۾ کوھ جي صفائي دوران زهريلي گئس سبب فوت ٿي ويلن جي وارثن کي مالي امداد جا چيڪ ورهايا ويا کوکراپار ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ منهندرو پار ۾ ھڪ مھينو اڳ المناڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ بند کوھ جي صفائي دوران گئس نڪرڻ جي ڪري ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا. فوت ٿيندڙن ۾ حبيب الله سميجو، سڪندر سميجو، ۽ ليمون ڀيل شامل هئا، واقعي کان پوءِ صوبائي اسيمبلي ميمبر راڻا همير سنگھ سوڍو جي خاص ھدايتن تي ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو (ٿرپارڪر ضلع ڪائونسل جي اڳوڻي وائيس چيئرمين) واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ڪندي سنڌ حڪومت طرفان متاثر ٿيل وارثن کي مالي امداد ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھو گذريل ڏينهن ٿرڪول انرجِي بورڊ جي ميمبر ڪنور ڪرني سنگھ ۽ ٻين اڳواڻن ڳوٺ منهندرو پار جو دورو ڪيو ۽ متاثر ٿيل خاندانن کي سنڌ حڪومت پاران ھڪ ھڪ لک رپين جا امدادي چيڪ ڏنا. ان کان علاوه، کوھ مان لاشون ڪڍندڙ پارو ڀيل کي به ھڪ لک رپين جو امدادي چيڪ ڏنو ويو. ان موقعي تي ڳوٺ واسي راڻا همير سنگھ سوڍو ۽ ڪنور ڪرني سنگھ جا ٿورا مڃيندي چيائون: "اسان هميشه ٻڌو هو ته راڻا ڊاٽ جا رَکوالا آهن، ۽ اڄ هنن پنهنجي عمل سان ثابت ڪيو ته هو پنهنجي ماڻهن جو درد محسوس ڪن ٿا.ڪنور ڪرني سنگھ سوڍو ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو: "ڪنهن به جاني نقصان جو ازالو نٿو ٿي سگهي، پر راڻا همير سنگھ جي خاص ڪوششن سان سنڌ حڪومت پاران متاثر ٿيل خاندانن جي مدد لاءِ جيڪو ممڪن هو، اهو ڪيو ويو." هن وڌيڪ چيو ته اهو پاڪستان پيپلز پارٽي جي منشور جو حصو آهي ته عوام جي خدمت ۽ سندن جائز مدد ڪئي وڃي.هن پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، صدر پاڪستان آصف علي زرداري، ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه جا ٿورا مڃيندي چيو ته، "راڻا همير سنگھ جي درخواست تي عمل ڪندي سنڌ حڪومت متاثر ٿيل خاندانن جي مدد کي يقيني بڻايو.
0 تبصرے