ڪراچي ۾ قتل ٿيل زاهد ميراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم ۽ سنڌ ملاح فورم پاران مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي ۾ قتل ٿيل زاهد ميراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جسقم ۽ سنڌ ملاح فورم پاران مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي (رپورٽرز وٽان) ڪراچي ۾ قتل ٿيل زاهد ميراڻي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لاڙڪاڻو، ڪوٽڙي، قاضي احمد، شهدادڪوٽ، ڪنڌڪوٽ، ٺل، سڪرنڊ، ٽنڊو آدم، ڪنڊيارو، ڪنري، پڊعيدن، مورو ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران ڪراچيءَ ۾ 12 ڏينهن اڳ ڪراچي جي گلشن حديد ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿي ويل نوجوان زاهد علي ميراڻي واري واقعي خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن جسقم جي مرڪزي اڳواڻ اطهر سومرو، ضلعي صدر عزيز الرحمان شيخ، ضلعي اڳواڻ صفدر جتوئي، بشير احمد جتوئي ۽ ٻين چيو ته ڪيڏي نه ظلم جي انتها آهي جو سنڌ جا وارث پنهنجي شهر ڪراچيءَ ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڌارين هٿان سوين ماڻهن جي سامهون بيدرديءَ سان قتل ڪيا پيا وڃن، اهڙو ئي واقعو ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي گلشن حديد واري علائقي ۾ پيش آيو جنهن ۾ افغاني پٺاڻن سنڌي نوجوان زاهد علي ميراڻي کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو هن وقت تائين پوليس قاتلن کي گرفتار نه ٿو ڪيو وڃي ويتر قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندڙن مٿان لٺيون وسايون پيون وڃن جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، مطالبو ڪيو ته زاهد علي ميراڻي جي قتل ۾ ملوث قاتلن کي گرفتار ڪري ڦاهي تي لٽڪايو وڃي ٻي صورت سخت احتجاج ڪيو ويندو.قاضي احمد ۾ سنڌ ملاح فورم پاران احتجاج ڇتي نعري بازي شھر جو گشت ڪيو ويو، ملاح فورم جي اڳواڻ رفيق ملاح جي اڳواڻي قومي شاهراهه کان ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو ريلي ۾ سياسي سماجي سول سوسائٽي ۽ قوم پرست ڪارڪنن شرڪت ڪئي مظاهري ۾ شامل ماڻھن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر کنيل ھئا پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪندي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪراچي ۾ قتل ڪيل زاهد ميراڻي جو قاتل اڃا تائين گرفتار ناهي ٿي سگهيو ڌاريا سنڌ ۾ اچي ڪاروبار ڪن ٿا وري ڌرتي ڌڻين کي قتل پڻ ڪن ٿا قاتل کي طاقتور ڌرين جي پٺڀرائي حاصل آهي جنهن سبب گرفتار نه ٿا ٿين ڪراچي ۾ ڌرتي ڌڻين جو قتل عام برداشت نه ڪيو ويندو هنن مطالبو ڪيو ته زاهد ميراڻي جو قاتل گرفتار ڪري سندن ناحق خون سان انصاف ڪيو وڃي، مورو ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي جسقم سٽي مورو پاران ڇھ ڪينال ۽ ڪراچي۾ نوجوان زاھد ميراڻي جي قتل خلاف شھيد عبدالرزاق سومرو چوڪ کان ھڪ ريلي ڪڍي وئي جيڪا مختلف رستن ٿيندي مورو پريس ڪلب پھتي جتي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو جنھن جي اڳواڻي قربان ڇڄڙو، جگديش ڪمار، نعيم پيرزادو، نذير کوسو، پنھل ميمڻ، رشيد لغاري، جبار چانڊيو، زين ميمڻ، اظھار لانگاھ، ڪامل مستوئي، اعجاز کوسو، شبير جويو، احمد ميمڻ ڪري رھيا ھئا. سنڌ دشمن منصوبو فورن ختم ڪيو وڃي ۽نوجوان زاھد ميراني جي قاتلن کي فوري گرفتار انصاف ڪيو وڃي، ڪوٽڙيءَ ۾ جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ديدار شام، عابد شيخ، ببلو برفت ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ڪارڪنن ڪوٽڙي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. احتجاج دوران مظاهرين مقتول زاهد ميراڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ نعريبازي ڪندا رهيا. شهدادڪوٽ ۾ سنڌ ملاح فورم جي سڏ تي زاهد ميراڻي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڌارين آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي پهچي ٽائرن کي باهيون ڏيئي ڌرڻو هڻي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي . ان موقعي تي اڳواڻن حبدار علي ميرجت غلام حسين ميراڻي ذوالفقار علي ميرجت علي نواز ميراڻي ڪامريڊ نصير سيلرو مظهر علي کوسو سميت ٻين گهر ڪئي ته ڪراچي ۾ قتل ٿيل نوجوان زاهد ميراڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ سميت ڌارين کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجن جو دائرو وسيع ڪيو ويندو .ڪنڌڪوٽ ۾ شهيد زاهد ميراڻي جي ناحق قتل ۽ قاتلن جي گرفتاري لا۽ جسقم جي مرڪزي سڏ تي جسقم آفيس کان ٽاور چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جسقم اڳواڻن والي ڏنو سنڌي سراج سنڌي محمد علي رفيق لاشاري قربان ڇڄڻ بشير خان ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ لاقانونيت اغوا ڦرون قتل روز جو معمول بڻيل آهن ھي رياست سنڌ ۾ ھٿ وٺي ڌاريا مُصلت ڪرائي سنڌ کي مقتل گاھ بڻائي رھي ۽ ھر آئي ڏينھن سنڌي ڳڀرو نوجوان ڌارين اسانجي ڳڀرو نوجوان ڌارين جي وھشت جو شڪارن بڻجي ٿو ڌاريا اسانجي سنڌ مٿان عذاب بڻيل آھن اسين پُرامن قوم ضرور آھيون پر اسانجي پُرامن ۽ عدم تشدد واري پاليسي ۽ مزاج کي اسانجي ڪمزوري نہ سمجھيو وڃي اسين اھو مطالبو ٿا ڪريون تہ فورن شھيد زاھد ميراڻي جا قاتل گرفتار ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ ھنن احتجاجن جو دائرو وسيع ڪري ڌرتيءَ کي ڌارين لاء ٽامو بڻائي ڇڏينداسين اسانجي ڌرتي تي مصلت ٿيل ڌارين کي فوري طور تي سنڌ مان نيڪالي ڏئي پنهنجي وطن واپس موڪليو وڃي، سڪرنڊ ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي جي سڏ کي لبيڪ ڪندي سڄي سنڌ جيان سڪرنڊ ۾ ب جسقم طرفان ڪراچي اندر نوجوان زاھد ميراڻي جي ناحق قتل خلاف ۽ سندس قاتل پٺاڻن جي گرفتاري لاء تعلقي صدر برڪت جلباڻي راجا موجن زئونر قربان ٻنڀ جي اڳواڻي ۾ چانڍيا پئمپ کان سنڌ پريس ڪلب سڪرنڊ چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو احتجاج ۾ اميرالبحر جي تعلقي صدر مرتضا ملاح سنڌ ملاح فورم جي تعلقي صدر سارنگ ملاح جسقم اڳواڻ محمد سچل ملاح شبير مگسي علڻ رند مورڙو ميربحر قلندر ملاح ساگر زئونر علي نواز ملاح جساف اڳواڻ شيراز شاھ ۽ ٻين شرڪت ڪئي ، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ت ھڪ سازش تحت ڌارين کي ڪراچي ۾ آباد ڪري اسان کي ماري ڪراچي مان ڪڍيو پيو وڃي جڏھن ت 8 ڏينهن گزرڻ کان پوء ب ڌاريا پٺاڻ قاتل گرفتار ن ٿيا پوليس وري شھيدن جي وارثن کي گرفتار ڪتي مٿن وھشياڻو تشدد ڪيو آ اگر جي جلدي قاتل گرفتار ن ٿيا ت سخت احتجاج ڪنداسون. ٽنڊو آدم ۾ جسقم جي مرڪزي سڏ تي زاهد ميراڻي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ڌارين آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جسقم جي مرڪزي سڏ تي ٽنڊو آدم ۾ به جسقم پاران ڪراچي ۾ بيدردي سان قتل ڪيل نوجوان زاهد ميراڻي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ افغانين سميت ڌارين آبادڪاري جي نيڪالي لاء شبير ڪوريجو، گلشير مري، بابو سنڌي، ارشاد بروهي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۔ ان موقعي تي اڳواڻن گهر ڪئي ته ڪراچي ۾ قتل ٿيل نوجوان زاهد ميراڻي جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ سميت ڌارين کي ملڪ مان نيڪالي ڏني وڃي۔ جسقم چئيرمئن صنعان خان قريشي جي سڏ تي سڄي سنڌ جيان ڪنڊيارو م شهيد زاهد ميراڻي جي قتل خلاف احتجاج ڪيو ويو، جسقم پاران ٽائون ڪميٽي کان ريلي ڪڍي شهر جي مک اسٽار چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو۔ هارون ڪلهوڙو۔سلطان گهانگهرو۔سهيل سنڌي ۽ ٻين چيو ته سنڌ م ڌارين کي آبادڪري مقامي ماڻهن لا۽ روزگار جا وسيلا کسڻ بعد هاڻي سنڌين جي جانين سان کيڏيو پيو وڃي۔زاهد ميراڻي کي قتل بي گناه قتل ڪيو ويو آهي ۽ قاتل به آزاد آهن جيڪا حڪومت جي ناڪامي آهي۔ پڊعيدن ڪراچي ۾ شهيد ذاهد ميراڻي جي بيگناھ قتل خلاف ۽ سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف جسقم جساف طرفان سنڌو چوڪ کان پڊعيدن پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاھرو ڪيو ۔ پڊعيدن جسقم جي مرڪزي سڏ تي سنڌ ۾ وڌندڙ بدامني ۽ لاقانونيت ، شهيد ذاهد ميراڻي جي بي گناھ قتل خلاف جسقم ۽ جساف پڊعيدن يونٽ طرفان سنڌو چوڪ کان ھٿن ۾ بينر کڻي سخت نعريبازي ڪندي پڊعيدن پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي ان موقعي تي اڳواڻن زوهيب انصاري، سهيل ڍلو، بشير شر ،مجاهد لاشاري ،عمران چانڊيو،رفيق راڄپر، ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سنڌ ۾ لاقانونيت عروج تي آهي ڌاڙا ڦرون اغوا روز جو معمول بڻيل آهن تازو ڪراچي ۾ شهيد ٿيل ذاهد ميراڻي جا قاتل گرفتار ناھن ٿي سگھيا سندن وارثن کي انصاف ناھي ملي سگھيو اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور ذاهد ميراڻي جا قاتل گرفتار ڪري جوابدارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو وڃي ۽ سندن وارثن سان انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندوڪنري ۾ ڪراچيءَ ۾ بيدرديءَ سان قتل ٿيل نوجوان زاهد ميراڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪنري ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جسقم اڳواڻن ۽ ڪارڪنن احمد سنڌي، مير نواز، نادر ديشي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ الله واري چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي احتجاج دوران مظاهرين زاهد ميراڻيءَ جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ نعريبازي ڪندا رهيا.مظاهرين جو چوڻ هو ته افغانين سميت غيرقانوني ڌاريا منشيات توڙي هٿيارن جي غيرقانوني ڪاروبار ۾ ملوث آهن، جنهنڪري امن امان جا مسئلا ٿي رهيا آهن.