سنڌي ادبي ميلي ۾ هن دفعي هڪ نئون ٽيلينٽ سامهون ايندو ميلي کان اڳ پوسٽر شايع ٿيڻ شروع ٿي چڪا هئا ' ڳالھيون واڪا ڪري ھلڻ شروع ٿيون ۽ ھر ماڻھوء کي انتظار ھيو ته آخر اھي نوان چھرا ڪھڙا ھوندا ' ھا نون چهرن ۾ ڪجھ نوجوان به هيا ' ڪجهه سينئر به هيا ' ائين عورت شاعرائون به ته ڪهاڻيڪار به سڀ هئا/ ھيون . چوٻول اھو به ھيو ته ھڪ ٽڪ ٽاڪر ڇوڪري به جيڪا پنھنجي ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ جي ڪري ڪافي مقبول آھي ' ان جي شرڪت به اعلاڻيل ھئي . جنھن جي شموليت تي سوشل ميڊيا ۾ حمايت/ مخالفت ۾ ڪافي چڪتاڻ شروع ٿي وئي.
سمجھڻ جا ڳالھ اھا آھي ته هڪ عورت جيڪا ٽڪ ٽاڪ جي هيروئن آهي ان کي به هڪ ٽيلينٽ آهي. ھوء ڌرتي جي خوشي نچي ڪڏي ته ڪڏهن ڌرتي ء جي درد کي غم ۾ ٻڏي ٽڪ ٽاڪ ايپ ذريعي اظھار ڪري ٿي. ڪنھن آرٽسٽ جو اھو فن جنھن ۾ ھو سماج لاء ٽھڪ ۽ خوشي ٽيڙڻ يا ڏکن ' ڏوراپن کي پنھنجي مخصوص انداز ۾ پڌرو ڪري سماج کي جاڳائڻ جو گڻ رکي ٿي ' سو نھايت قيمتي آھي .
سموري دنيا ۾ اھا ايپ مقبول آھي جنھن ريت سماج سان ھڪ نئين انداز ۾ پنھنجا احساس ونڊجن ٿا ۽ ان کي تمام گھڻي پذيرائي ملي رھي آھي ' ھونئن به اڄ اسانجي زندگين ۾ سوشل ميڊيا جو عمل دخل تمام گھڻو وڌندو پيو وڃي ۽ جيڪي خبرون مھينن کانپوء پھچنديون ھيون' اھي ھاڻ منٽن ۽ سيڪنڊن ۾ پيون ملن .
پر ھتي اھا ڳالھ افسوس سان ٿي لکڻي پئي ته اسان وٽ مدي خارج ۽ ذھني طور اٻاھج ڪجھ اديب ' جيڪي پاڻ ته ٽيڪنالاجي جي استعمال کان اڻ واقف آھن ئي پر اھي ھر مثبت چينج Change جي خلاف به بي بنياد پروپيگنڊا ڪري رستا روڪ ڪندا آھن .
آئون رڇائن وارن کان اهو سوال ٿي ڪريان ٿي ته توهان هڪ عورت ٽڪ ٽاڪر جي جڏهن سليڪشن ڪئي ته پوءِ ڇو نه ان کي موقعو ڏنو ويو مسفر لاشاري کي ڀلا ڇو گهرايو ويو ڇا اهو ٽڪ ٽاڪر ناهي توهان هڪ عورت جي تذليل ڪرائي آهي هڪ ٽڪي جي ماڻهو جي بڪواس تي پنهنجي سنڌي نياڻي تي آڱر کنئي آهي
جڏهن توهان سليڪشن بورڊ وارا ايڏا بهادر ناهيو ته پوءِ ڇو ڪنهن جي تذليل ٿا ڪرايو. توھان ھڪ ٽيلينٽيڊ نياڻي کي اسٽيج تي نٿا آڻي سگھو ۽ وري اٿي سڀ سنڌ جي بچايو جا نعرا ٿا هڻو ....!!!
جيڪي عورت کي عزت نٿا ڏئي سگهن آهي معاشري کي ڇا سڌاريندا سنڌ جا مسئلا ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ٿا اچڻ ، پر شل نه انهن کي ڪا ناپسنديده شخصيت سامهون آئي ته وٺي هاءِ گهوڙا شروع ٿا ڪن.
اسان جو سنڌي سماج ان ڪري ئي پوئتي پيل آهي جو اسان جي گهٽيا ترين سوڇ اسان کي اڳتي نڪرڻ نٿي ڏي
شرم جو مقام آھي جو اسان پنھنجي ھنرمند نياڻين متعلق ميڊيا تي اچي الائي ڇو بڪواس به ڪيون ٿا ۽ پوء وري پاڻ کي قوم جا خيرخواھ به سڏرايون ٿا....!!!
0 تبصرے