عمرڪوٽ ۾ بهتر حڪمراني ۾ شهرين جو ڪردار تحت اسٽيڪ هولڊر ڊائلاگ ٿي گذريو

سامي فائونڊيشن ۽ سي پي ڊي آءِ جي سهڪار سان ڊائلاگ ٿي گذريو

عمرڪوٽ ۾ بهتر حڪمراني ۾ شهرين جو ڪردار تحت اسٽيڪ هولڊر ڊائلاگ ٿي گذريو

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم سامي فائونڊيشن ۽ سي پي ڊي آئي جي سهڪار سان هلندڙ منصوبي بهتر حڪمراني ۾ شهرين جو ڪردار تحت اسٽيڪ هولڊر ڊائلاگ ٿي گذريو پروگرام جي فوڪل پرسن عبدالجبار ڪنڀر هلندڙ منصوبي بابت ڳالھائيندي چيو ته هي پروگرام عمرڪوٽ جي مختلف يونين ڪائونسلن ۽ ميونسپل ڪاميٽي جي مقرر ڪيل غريب طبقي جي نوجوان، عورتن، منارٽي ۽ صحافين سان گڏجي مختلف مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ ماڻهن جي صلاحتن ۾ اضافو ڪرڻ آهي ايڊوڪيٽ محمد بخش ڪنڀر چيو ته عام شهرين کي برابري جا حق ڏنا وڃن صنفي بنياد تي تشدد کي ختم ڪيو وڃي سماجي اڳواڻ عاطف علي چيو ته پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ سان ڪافي شيون سکڻ لاء مليون آھن پنھنجي حق وٺڻ لاء ڪيھڙو ڪردار ادا ڪرڻ گُھرجي ھن چيو ته اسان کي تعليم کانسواء پنھنجا حق حاصل ڪرڻ مشڪل آھي غريب ماڻھن کي پنھنجي بنيادي حقن جي مڪمل ڄاڻ ھجڻ گُھرجي ايم سي جي ميمبر ڊاڪٽر گھنشام راٺوڙ چيو ته اسان کي پُھريان پنھنجي بنيادي حقن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ گُھرجي پوء ھن جي حاصلات لاء قدم کڻن گھرجي اسان سڀني کي پھرين تعليم لاء وڌ کان وڌ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو پنھنجي ٻارڙن ۽ نياڻين کي وڌ کان وڌ تعليم ڏياري وڃي عورتن تي ٿيندڙ تشدد جا اسان پاڻ ذميوار آھيون ڇو ته اسان پاڻ ۾ سڌاري لاء قدم نه کڻنداسين ته مسئلا حل نه ٿيندا تعليم سان گڏ نياڻين کي ھنر جي به سکيا ڏيڻ گُھرجي سماجي اڳواڻ عبدالله کوسو چيو ته اسان کي عورتن تي ٿيندڙ تشدد ننڍڙن ٻارڙن جي تعليم کي عام ڪرڻ لاء گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ھن چيو ته ماڻھو محنت سان ڪم ڪري ته سڀ ڪجھ ڪري سگھي ٿو وفاقي حڪومت جي پوٽرل تي شڪايت ڪرڻ سان نوٽيس ٿئي ٿو ۽ پڇاڻو ٿيندو آھي انھي تي مسئلن کي اٿارڻ گُھرجي سينيئر صحافي ممتاز آريسر چيو ته نشي سبب وڏي تباھي آئي آھي جنھن کي روڪڻ لاء اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻ گُھرجي چونڊيل نمائندن کي به نوٽيس وٺڻ گُھرجي نشي جي حالت ۾ ماڻھو عورتن تي تشدد ڪندا آھن جنھن سبب عورتون خودڪشي تي مجبور ٿين ٿيون پروگرام دوران سينيئر صحافي غلام مصطفي مھر، اتم سنگراسي، انور ساند سميت ٻين پڻ ڳالھايو