تعليم کاتي جي عملدارن عمارتن کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏئي شاگردن ۽ اسٽاف جي ويهڻ تي پابندي هڻي ڇڏي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) تعليم کاتي جي لاپرواهي سبب ملير ضلعي ۾ 130 پرائمري اسڪولن جون عمارتون زبون حال، تعليم کاتي عمارتن کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏئي شاگردن ۽ اسٽاف جي ويهڻ تي پابندي هڻي ڇڏي، ضلع جي 596 پرائمري اسڪولن مان اڪثر اسڪولن کي فرنيچر نه ملي سگهيو، اسڪولن ۾ سهولتن جي شديد کوٽ، صوبائي وزير تعليم ۽ سيڪريٽري تعليم سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي اسٽاف جي کوٽ کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، فرنيچر جي ورهاست شروع ڪري ڇڏي آهي هلندڙ سال 80 هزار شاگرد تعليم حاصل ڪري سگهندا، ڊي اي او اقبال ميمڻ تفصيل موجب : عوامي پريس ڪلب ملير جي ريسرچ يونٽ طرفان ملير جي تعليمي صورتحال تي جاري ڪيل تحقيقاتي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملير ضلعي ۾ 130 پرائمري اسڪولن جون عمارتون زبون حال ٿي ناڪاره ٿي چڪيون آهن تعليم کاتي عمارتن کي انتهائي خطرناڪ قرار ڏئي شاگردن ۽ اسٽاف کي ويهڻ کان روڪي ڇڏيو آهي جڏهن ته ضلع جي 596 پرائمري اسڪولن مان اڪثر اسڪولن کي اڃان تائين فرنيچر به ناهي ملي سگهيو سوين اسڪولن ۾ پيئڻ جي پاڻي، بجلي، واش روم سميت بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي جنهن سبب ليڊيز ٽيچرز ۽ شاگردياڻين کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي اسڪولن جو عمارتون ۽ بنيادي سهولتون نه هئڻ سبب ٻارڙا اوطاقن ۽ مسجدن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيا آهن رپورٽ ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته 596 پرائمري اسڪولن ۾ 60 هزار تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن لاءِ 1778 استاد ۽ 447 غير تدريسي عملو مقرر آهي جڏهن ته تدريسي ۽ غير تدريسي عملي جي به وڏي کوٽ آهي ان سلسلي ۾ جڏهن ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر اقبال ميمڻ سان رابطو ڪيو ويو ته هن ٻڌايو ملير ۾ 3 تعلقا آهن 60 هزار شاگرد تعليم حاصل ڪن ٿا استادن سميت سمورن سهولتن جي کوٽ آهي 130 اسڪول مڪمل طور تي ويهڻ جي قابل ناهن رهيا انهن کي مختلف اوطاقن، مسجدن سميت ٻين اسڪول ۾ شفٽ ڪيو ويو آهي هن چيو ته صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري سان ملير جي اسڪولن متعلق تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي اسٽاف، فرنيچر جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ فرنيچر ڏئي رهيا آهيون ايندڙ سال 80 هزار کان وڌيڪ شاگرد تعليم حاصل ڪري سگهندا.
0 تبصرے