English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڏھرڪي ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌو درياھ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ريلي
212 views
|
06th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
سنڌ جا ماڻھو ڪڏھن به درياھ تي قبضو ٿيڻ نه ڏيندا: اڳواڻ
ڏھرڪي (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ پاران ڏھرڪي شهر ۾ سنڌو درياھ مان 6 غيرقانوني نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجو، لطف ميان شر، ارصلاح بھلڪاڻي، محبت سميجو، فدا محمداڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عوامي ھوٽل کان پريس ڪلب ڏھرڪي تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راھوجي ريلي کي خطاب ڪندي چيو تہ سنڌ جي وجود کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ جو منصوبو جوڙيو ويو آهي سنڌ جا ماڻھو ڪڏھن بہ درياھ وڪرو ٿيڻ نہ ڏيندا. چولستان ڪئنال ۽ ٻيا ڌاڙيل واھ ھرگز قبول ناھن. سنڌ کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر ٿيڻ نہ ڏنو ويندو. سنڌ سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ ۾ رھندڙ سنڌي ماڻھو پنھنجي درياھ ۽ وسيلن لاءِ ھڪ آواز آھن.سنڌ دشمن ڪئنالن جو منصوبو ڪرپٽ حڪمرانن جي اقتدار جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ثابت ٿيندو. مظھر راھوجي چيو تہ سنڌ جي لٽيل دولت مان ڪرپٽ حڪمرانن ٻاھرين ملڪن ۾ پنھنجا محل جوڙي ڇڏيا آھن. پيپلزپارٽي جي ايم پي اي، ايم اين ايز ،سينيٽرز ۽ ڪرپٽ وزيرن ٻاھرين ملڪن ۾ پنھنجون ملڪيتون ۽ ڪاروبار قائم ڪري ڇڏيا آھن. چور، نااھل ۽ ڪرپٽ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. نوڪرين سميت ھر شئي وڪرو ڪئي وئي آھي. سنڌ جو درياھ، زمينون ۽ وسيلا تين وال ڪيا پيا وڃن. قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي گهوٽڪي جي صدر لطف ميان شر خطاب ڪندي چيو تہ زرداري سنڌو درياھ مان چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍي پنجاب کي سرسبز ۽ سنڌ کي بنجر بڻائڻ جي منصوبن تي صحيح ٿو ڪري ۽ سنڌ جي مزاحمت کان پوءِ سندس پٽ بلاول ڀٽو زرداري ۽ پيپلزپارٽي سنڌي ماڻھن کي بيوقوف ٿا بڻائين. سنڌي ماڻهن کي سمجهڻو پوندو تہ پيپلزپارٽي، زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي عوام سان نہ پر پنجاب ۽ وفاق سان گڏ بيٺل آھن جيڪي سنڌو درياھ مان 6 نوان غير قانوني نوان ڪئنال ڪڍي گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌو درياءَ کي قتل ڪرڻ چاھين ٿا. قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر ارصلاح بھلڪاڻي خطاب ڪندي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ جي سنڌو درياھ کي بچائڻ لاء جدوجھد شھرن سميت جھرجھنگ جاري رھندي. سنڌ دشمن ڪئنال ھرگز ٺھڻ نہ ڏينداسين.آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي ھٿ وٺي سنڌ جي عوام کي تباھ ۽ برباد ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌ جو عوام ڪڏهن سنڌو درياھ تي نوان ڪئنالن قبول نہ ڪندو چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ سان سنڌ جو پاڻي بند تي ويندو. جنهن سنڌ تباھ ۽ برباد ٿي ويندي.قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ محبت سميجو خطاب ڪندي چيو تہ آصف علي زرداري ۽ پيپلزپارٽي سنڌو درياھ تي ڌاڙي ۾ سھولتڪار آھن. جيڪڏھن 6 نوان ڪئنال ٺھي ويا تہ سنڌ جي ماڻھن کي پيئڻ جو پاڻي بہ نہ ملندو. پاڻي جو معاملو رڳو آبادگارن جو ناھي. پاڻي جو معاملو زندگي جو معاملو آھي. ان موقعي تي فدا محمداڻي، گلشير ڏھر، رمضان آرائين ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڏھرڪي
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے