عادلپور ۾ پيرسن عورت جي قتل خلاف لاش رکي ڌرڻو هڻندڙن خلاف ڪيس داخل

سرڪار جي مدعيت ۾ مقتولا جي وارثن ۽ ڪلوڙ برادري جي 10 سڃاتل ۽ 30 اڻڄاتل ماڻهن خلاف روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل

عادلپور ۾ پيرسن عورت جي قتل خلاف لاش رکي ڌرڻو هڻندڙن خلاف ڪيس داخل

عادلپور (رپورٽر) عادلپور ويجھو ڳوٺ راڄ واھ ۾ پيش آيل واقعو گاھ تي ويل پيرسن مقتول افروز ڪلوڙ کان نامعلوم ھٿياربندن پاران گهٽا ڏئي قتل ڪري ڪنن مان سونا زيور لاھي ويا قتل وارو معامرو ,گُذريل ڏينھن مقتولا جي وارثن ۽ ڪلوڙ برادري پاران قومي شاھراھ تي لاش رکي ڌرڻي ھڻڻ جو سرڪار جي فرياد تي ڪلوڙ برادري جي ماڻھن مٿان روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ ڊيوٽي اٽڪاء جو اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل گهوٽڪي ڪيس ۾ 10 سڃاتل جنهن ۾صلاح الدين ڪلوڙ , محمد علي ڪلوڙ , فائق ڪلوڙ , ذوالفقار ڪلوڙ ۽ ٻيا شامل آهن , جڏھن ته 30 اڻ سڃاتل ماڻھو ڄاڻايا ويا آھن , گهوٽڪي ھوڏانھن گُذريل ڏينهن ڊي ايس پي گھوٽڪي راڻا نصر الله مظاھرين سان ڳالھيون ڪري ٽن ڏينھن اندر جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪرايو ھو. ٻئي پاسي پوليس مقتولا افروز ڪلوڙ جا قاتل گرفتار ڪرڻ ۾ اڃان تائين ناڪام بڻيل آھي