اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو ۽ عمرڪوٽ جي قلعي جو سب انجنيئر عبدالعزيز ڪنڀر پڻ موجود هئا
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي جو اوچتو دورو، ان موقعي تي ساڻس گڏ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو ۽ عمرڪوٽ جي قلعي جو سب انجنيئر عبدالعزيز ڪنڀر پڻ موجود هئا، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج عمرڪوٽ عبدالقدوس ميمڻ پاران عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي جي نئين سر بحالي واري هلندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو، ان موقعي تي ھن لاڳاپيل آفيسرن توڙي ٺيڪيدار کي ھدايت ڪندي چيو تہ عمرڪوٽ جي قلعي جي ٿيل ترقياتي ڪمن توڙي ھلندڙ منصوبي جي ڪمن کي اسيڪم جي پي سي ون موجب مڪمل ڪيو وڃي، ھن چيو ته قلعي جي اندر صفائي سٿرائي جو نظام بھترين بڻايو وڃي، بجلي جون لائيٽون لڳايون وڃن ۽ خاص ڪري سياحن جي لاءِ پيئڻ جي پاڻيءَ جي سھولت کي يقيني بڻايو وڃي، ھن چيو ته عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي سميت ٻين ثقافتي ماڳن جي حفاظت ڪرڻ توڙي انھن جي سار سنڀال لهڻ لاڳاپيل آفيسرن جي اولين ذميواري آهي، ان موقعي تي ھن اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو ۽ قلعي جي سب انجنيئر عبدالعزيز ڪنڀر کي ھدايت ڪندي چيو تہ عمرڪوٽ جي قلعي جي چوديواري جي حدن ۾ موجود خالي پيل پارڪنگ تي ٻيٺل گاڏين کي نہ بيھڻ ڏنو وڃي ۽ جيڪا بہ حد دخليون ٿيل آھن انھن کي ھٽايو وڃي، ھن چيو ته عمرڪوٽ جي قلعي جي مين گيٽ تي لڳل سي سي ٽي وي جي ڪيمرائن جي تعداد کي وڌايو وڃي، ان موقعي تي ھن عمرڪوٽ جي تاريخي قلعي ۾ موجود پراڻي دور جي ڪورٽ ڪچھري جي بلڊنگ، پراڻي سب جيل توڙي پراڻي سرڪٽ هائوس جي بلڊنگ جي اصل شڪل ۾ ٻيھر بحالي واري ٿيل ڪم جو پڻ تفصيلي جائزو ورتو.
0 تبصرے