سجاول ۾ جي يو آءِ جو اڳواڻ حافظ محمود راجا لاڏاڻو ڪري ويو، اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

حافظ محمود راجا دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، سندس جنازي نماز ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت

سجاول ۾ جي يو آءِ جو اڳواڻ حافظ محمود راجا لاڏاڻو ڪري ويو، اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي

سجاول(رپورٽر)جمعيت علماء اسلام سجاول جو اڳواڻ ۽ تبليغ جماعت جامع مسجد سجاول جو امير حافظ محمود راجہ دل جو دورو پوڻ سبب فوت ٿي ويو. حافظ محمود راجہ هڪ نيڪ انسان ۽ خوش مزاج طبيعت جو مالڪ هو. هن جون دعوت تبلیغ ۾ بيمثال خدمتون آھن جن کي وساري نٿو سگهجي. هن جي وفات سان جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو ڪڏهن به بهرجي نٿو سگھجي ان جي جنازي نماز ۾ سون جي تعداد ۾ شھرين. سياسي سماجي اڳواڻن ۽ سجاول ۾ ڪم ڪندڙ سال جي لاء آيل دعوت تبلیغ جي ساٿين پڻ شرڪت ڪئي جنازي نماز مولانا محمد صالح الحداد پڙهائي. جنازي نماز ۾ حافظ فضل الله فياض. مولانا عبدالوهاب ڪلمتي. مولانا غلام حسين ميمڻ. سيد نصير احمد شاھ شيرازي ۽ پري پري کان آيل جماعتي ساٿين ڪئي.سندس جسد خاڪي کي سندس آبائي قبرستان مصري شاھ ۾ مدفون ڪيو ويو. ٻي پاسي پوئينرن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي