ملير: گلستان جوهر جي گرلز ڪاليج ۾ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو ويو

ثقافتي تقريب۾ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين ثقافتي ويس پهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي

ملير: گلستان جوهر جي گرلز ڪاليج ۾ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو ويو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلستان جوهر جي گرلز ڪاليج ۾ سنڌي ثقافت جو ڏهاڙو ملهايو ويو جنهن ۾ گورنمينٽ گرلز ڪاليج گلستان جوهر بلاڪ 13 ۾ منعقد ڪيل ثقافتي تقريب۾ماسترياڻين ۽ شاگردياڻين ثقافتي ويس پهري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ ثقافتي شين ۽ سنڌي کاڌن جا جا اسٽال پڻ قائم ڪيا ويا ويا هئا، جڏهن ته شاگردياڻين شاهه لطيف جي سورمين ۽ تاريخ بابت مختلف ٽيبلوز ۽ خاڪا پيش ڪيا. ان موقعي تي ڳالهائيندي گرلز ڪاليج جي پرنسپال پروفيسر نور افشان، پروفيسر شاهده برفت، پروفيسر فرزانه سيلرو، پروفيسر مهه جبين، پروفيسر عطيه ڀٽو، پروفيسر نور العين، پروفيسر فرخنده ناز، پروفيسر اقبال خاتون، پروفيسر مونسان پرهه، پروفيسر صائقه ڌامراهه، پروفيسر مستجاب فاطمہ، پروفيسر غزالا اڄڻ ۽ پروفيسر ارم شيخ چيو ته ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد پنهنجي ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ آهي، ثقافت کي اجاڳر ڪرڻ لاءِ اهڙا پروگرام منعقد ڪرڻ ضروري آهن، ان سان ٻارن کي پنهنجي ثقافت بابت ڄاڻ ملي ٿي ۽ پنهنجي ڪردارن کان پڻ روشناس ٿين ٿا.