ملير: گلشن حديد ۾ افغانين هٿان شهيد ٿيل زاهد ميراڻي جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

زاهد ميراڻي جي جنازي نماز ۾ سياسي سماجي مذهبي قومپرست اڳواڻن ۽ علائقي واسين جي شرڪت

ملير: گلشن حديد ۾ افغانين هٿان شهيد ٿيل زاهد ميراڻي جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد اربع بازار ۾ افغاني پٺاڻن هٿان قتل ٿي ويل نوجوان جي جنازي نمازادا ڪئي ويئي، هزارين ماڻهن سميت پيپلزپارٽي، تحريڪ انصاف ،قومي عوامي تحريڪ، جسقم سميت مختلف سياس سماجي تنظيمن جي اڳواڻن جي شرڪت، جذباتي منظر قاتلن جي گرفتاري جا اڀ ڏاريندڙ نعرا فوتي نوجوان جو مڙھ اسٽيل ٽائون قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ،پوليس جا جوبدارن جي گرفتاري لاءِ چاپا،جوبدار نه ملڻ تي پوليس طرفان پنج مائيٽ گرفتار،ڊي سي ملير بدلي،گلشن حديد ۾ لڳندڙ ٽي بچت بازارون اڻ ڄاتل مدي تائين بند،علائقي ۾ سوڳ ڇانيل تفصيل موجب ملير گذريل ڏينهن گلشن حديد اربع بازر ۾ افغاني پٺاڻڻ هٿان قتل ٿي ويل نوجوان زاهد ميراڻي جي پپري ۾ جنازي نماز ادا ڪئي ويئي جنهن ۾ هزارين ماڻهن شڙڪت ڪئي ان موقعي تي انتهائي جذباتي منظر نظر آيا جڏهن ته ڪلهي ڪانڌي ٿيندڙ هزارين ماڻهو قاتلن جي گرفتاري جا اڀ ڏاريندڙ نعرا هڻدا رهيا جنازي نماز ۾ پيپلزپارٽي ملير جي جرنل سيڪريٽري امداد جوکيو، تحريڪ انصاف جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر مسرورو ۽ انعام سيال،قومي عوامي تحريڪ جي منان شيخ جسقم جي سوين ڪارڪنن سميت مختلف سياس سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي فوتي نوجوان جي مڙھ کي آلين اکين سان اسٽيل ٽائون قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو هوڏانهن پوليس جوبدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف علائن ۾ چاپا هنيا پر جوبدار نه ملي سگهيا ته پوليس جوابدارن جي پنجن مائيٽن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو گلشن حديد ۾ طبت بازارن وي اجزت ڏيڻ واري مئلي تي ڊي سي ملير عرفان سلام ميرواڻي کي فوري طور بدلي ڪري سندس جڳح تي سليم الله اوڍي کي مقرر ڪيو ويو آهي جنهن هنگامي بنيادن تي نوٽِفيڪيشن اجري ڪري گلشن حديد ۾ لڳندڙ سومر، جمعون ۽ اربع ٽن بچت بازارون کي اڻ ڄاتل مدي تائين بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا نوجوان جي قتل واري افسوس ناڪ تي علائقي ۾ ڇڪتاڻ ۽ سوڳ جو ماحول ڇانيل آهي