سنڌ جي تاريخي ۽ قديمي گورنمينٽ مدرسه ائنڊ ھاءِ اسڪول نوشهروفيروز ۾ سائنسي ميلو لڳايو ويو

ميلي ۾ ضلع نوشهروفيروز جي 32 ھاءِ اسڪولن جي شاگردن شرڪت ڪئي ۽ سائنس ۽ آرٽ جا پراجيڪٽ پيش ڪيا

سنڌ جي تاريخي ۽ قديمي گورنمينٽ مدرسه ائنڊ ھاءِ اسڪول نوشهروفيروز ۾ سائنسي ميلو لڳايو ويو

نوشهروفيروز (ڊ ر) سنڌ جي تاريخي ۽ قديمي گورنمينٽ مدرسه ائنڊ ھاءِ اسڪول نوشهروفيروز ۾ تعليم کاتي نوشهروفيروز پاران ٻيون شاگردن جو ميلو منعقد ڪيو ويو. ميلي ۾ ضلع نوشهروفيروز جي 32 ھاءِ اسڪولن جي شاگردن شرڪت ڪئي. شاگردن سائينس ۽ آرٽ جا پراجيڪٽ پيش ڪيا. ميلي جو افتتاح ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري نوشهروفيروز محمد اسلم راڄپر ڪيو. جڏھن ته ميلي ۾ اسڪول جي شاگردن پنھنجي ڀرپور فني صلاحيتن جو مظاھرو ڪيو. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري نوشهروفيروز محمد اسلم راڄپر، ھيڊ ماستر محمد پريل ڪاڪيپوٽو، محمد رمضان مري ۽ ٻين چيو ته نوشهروفيروز ۾ ھي ٻيون ميلو آھي. ھن کان پھرين به ھن قسم جو ميلو اڳ ۾ به لڳائي چڪا آھيون. ھنن چيو ته غير نصابي سرگرمين سان شاگردن جون ذھني توڙي جسماني صلاحيتون اجاگر ٿين ٿيون. شاگردن جا پراجيڪٽ ڏسي محسوس ٿيو ته سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھندڙ شاگردن ۾ ڀرپور صلاحيتون آھن جن کي نکارڻ جي ضرورت آھي. ٻئي پاسي ميلي ۾ پراجيڪٽس سان گڏ مختلف قسم جون 6 سرگرميون ڏيکاريون ويون. جڏھن ته ضلع سطح تي ڪامياب ٿيندڙ شاگردن کي ڊويزنل سطح تي ٿيندڙ ميلن ۾ شريڪ ڪرايو ويندو.