ڪراچي پريس ڪلب جو اظھار جي آزادي ۽ جمھوريت لاءِ اھم ڪردار رھيو آھي:مرتضيٰ وھاب
ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچي جي ميئر مرتضي وهاب صديقي ڪالهه شام جو ڪراچي پريس ڪلب ۾ پنهنجي مرحوم والد ۽ صحافي وهاب صديقي جي نالي " سان منسوب ٿيل باغ جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب جو صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد، گورننگ باڊي جي ميمبرن شمس ڪيريو، مونا صديقي، نور محمد ڪلهوڙو، رانا جاويد، شعيب احمد سميت سينيئر صحافي پڻ موجود هئا. ان موقعي تي ڪراچي ميٽرو ڪارپوريشن (ڪي ايم سي ) جي ميئر ۽ پي پي پي اڳواڻ مرتضيٰ وهاب صديقي چيو ته ڪراچي پريس ڪلب هن جو پنهنجو گهر آهي، جنهن ۾ هن جو والد وهاب صديقي صحافي جي حيثيت ۾ ميمبر هو ۽ اسان ڀائر ڀينرون ڪلب ۾ ايندا هئاسين. هن چيو هن جو بابا 1993 ۾ وفات ڪري ويو ته والده فوزيه وهاب سان گڏجي ڪراچي پريس ڪلب ايندا ھئاسين، جن جي ياد ۾ اسان ٽن ڀائرن ۽ هڪ ڀيڻ پاڻ ۾ صلاح ڪري ذاتي خرچ سان پنهنجي والدين جي نالي سان پريس ڪلب ۾ موجود باغ جي نئين سر تعمير ڪرائي، ميئر چيو ته ڪراچي پريس ڪلب نه فقط هڪ قديم عمارت آهي پر ان جي ماضيءَ ۾ آمريت خلاف جدوجهد جو فيصلو بيگم نصرت ڀٽو جي سربراهي ۾ ٿيل هڪ اجلاس ۾ ڪيو ويو هو، هن ته ڪراچي پريس اڄ به جمهوريت پسندن، انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ آمريت سان مهاڏو اٽڪائڻ وارن لاءِ محفوظ پناھه گاھه آهي. هن وڌيڪ چيو ته هن قسم جي تاريخي عمارت جي خوبصورتي کي برقرار رکڻ لاءِ اسان کي به هڪ موقعو مليو آهي، جيڪا ڳالھھ منهنجي عزت آهي. ان موقعي تي ڪراچي پريس ڪلب پاران ڪلب جي صدر سعيد سربازي، سيڪريٽري شعيب احمد، شمس ڪيريو، مونا صديقي، نور محمد ڪلهوڙو، رانا جاويد، شعيب احمد ٻين گڏجي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب کي پريس ڪلب جي اعزا زي ميمبرشپ جو ليٽر ڏنو. ۽ سندس ڀائرن کي ڪراچي پريس ڪلب جي ميمبر وھاب صديقيءَ ڪارڊ پڻ ڏنو. ان موقعي تي ڊائريڪٽر پارڪس نديم حنيف، مينيجر ڪراچي پريس ڪلب عقيل احمد، عدنان، شاھ مراد، مالي عمران ۽ نديم، ۽ وجي ۽ ٻين کي يادگار شيلڊ بھ ڏنا ويا.
0 تبصرے