English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: گلشن حديد ڀرسان نيشنل هاءِ وي جي زمين تي مبينا قبضو، رهواسين جو ڌرڻو
views
|
11th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد ڀرسان نيشنل هاءِ وي جي اربين رپين جي قيمتي زمين تي مبينا قبضو، علائقي واسي روڊن تي نڪري آيا، احتجاج مظاهرو ڌرڻو، بااثر ماڻهن اريبن جي زمين تي جعلي کاتا رکرائي قبضو ڪيو آهي اسسٽنٽ ڪمشنر مختيار ڪار سميت پوري روينيو کاتي جي آفيس مليل آهي، جاچ ڪري زمين کي بچايو وڃي، حب علي کوسو، مرتضيٰ رند، واحد ڪلمتي ۽ ٻين جون صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب : ملير جي علائقي گلشن حديد ڀرسان نيشنل هاءِ وي جي اربين رپين جي قيمتي زمين تي مبينا قبضي خلاف علائقي واسي روڊن تي نڪري آيا سوين ماڻهن اڏوات اڳيان پهچي احتجاج مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ هئا ۽ هو قبضاگيري بند ڪريو جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن حب علي کوسو، مرتضيٰ رند، محبوب رند، سومار زنگياڻي، ممتاز شر، مصطفيٰ هديو، واحد ڪلمتي، عطا الله هديو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گلشن حديد ڀرسان ديھ جوريجي ناڪلاس 344 نيشنل هاءِ وي تي 50 بسترن جي ٺهندڙ اسپتال ڀرسان روينيو، پوليس ۽ اينٽي انڪروچمنت سيل جي سرپرستي ۾ قبضو ٿي رهيو آهي مظاهرين الزام لڳايو ته صديق آدم جي اربين رپين جي زمين تي قبضو ڪري رهيو آهي صيفل ڳوٺ کي اڳ مسمار ڪرايو ويو روينيو کاتي جي مبينا ملي ڀڳت سان اربين رپين جي زمين هڙپ ڪئي پئي وڃي هنن چيو ته گلشن حديد ڀرسان نيشنل هاءِ وي تي عديل اختر شيخ به سوسائٽي ٺاهي ڪروڙين رپين ۾ پلاٽ وڪرو ڪري شهرين کي ڦري رهيو آهي زمين جو ڪيس اڳ ئي نيب وٽ هلندڙ آهي. زمين تي قبضو ڪندڙن روينيو ڊپارٽمينٽ، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ،اينٽي انڪروچمنت سيل ۽ حد جي پوليس کي ڪروڙين رپيا رشوت ڏني وئي آهي نيب، اينٽي ڪرپشن، ايف آئي اي ۽ قانوني لاڳو ڪندڙ ادارا زمين تي ٿيندڙ قبضي جو نوٽيس وٺن هنن مطالبو ڪيو ته عديل اختر شيخ، صديق آدم جي پاران ٿيندڙ قبضن جي جاچ ڪري اربين رپين جي زمين کي بچائي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Oct 2025
•
سندھ
ڈی آئی جی ٹریفک پولیس پیر محمد شاہ کی جانب سے معروف اداکار اینکر و کامیڈین کاشف خان کو ٹریفک پولیس کا گڈ ول ایمبیسیڈر کا عہدہ تفویض کیا گیا
20th Oct 2025
•
کھیل
ملک میں کھیلوں کی سرگرمیوں میں اضافے کی ضرورت ہے قرۃ العین خان
20th Oct 2025
•
سندھ
حضرت قطب عالم شاہ بخاری رحمة اللہ علیہ کا مزار کراچی کے معروف مزارات میں سرفہرست ہے کفیل حسین
20th Oct 2025
•
سندھ
کراچی میں سیاسی ہلچل , پیپلز پارٹی اور جماعت اسلامی کے کونسلرز مسلم لیگ (ن) میں شامل
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي جو جرڳائي وڏيرن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون واسين جو قبضاگيرن ۽ ڀتي خورن خلاف احتجاج
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ ۾ سماجي تنظيم احساس سوشل فورم پاران مستحقن جي مدد
20th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ آرا مشين يونين، ٽريڪٽر اونرز ۽ مزدورن طرفان پوليس خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
گلشن حديد
0 تبصرے